گرمي جي لهر ۽ انساني صحت

0
55
گرمي جي لهر ۽ انساني صحت

 اڄڪلهه پوري ملڪ ۾ گرميءَ جي شدت وڌي وئي آھي، خاص طور تي سنڌ ۽ پنجاب انھيءَ گرمي لھر (Heat wave) جي سخت لپيٽ ۾ آھن. اسڪولن، ڪاليجن جا امتحان ملتوي ٿي ويا آھن ۽ مجموعي ڪار وهنوار به متاثر ٿيو آهي. ڇاڪاڻ ته گرمي شديد ٿيڻ سان سڀ کان اول انساني صحت متاثر ٿيندي آھي ۽ پوءِ ھر طرح جي سرگرمي ۽ ماحوليات توڙي ڌرتيءَ جي گولي تي وسندڙ ھر مخلوق پڻ.

گرمي لھر (Heat wave) ڇا آھي؟

اسانجي گرھ (Planet) تي مختلف جاگرافيائي خطا (Regions) آھن ۽ ھر خطي جي پنھنجي ماحوليات ۽ موسم ٿيندي آھي، جيڪا وري  انھيءَ علائقي جي سراسري گرمي پد (temperature), مينھن، ھوا ۽ ٻين آبھوائي عنصرن تي مشتمل ھوندي آھي. ماحولياتي ماھرن موجب، ڪي 30 سالن جي مجموعي سراسري گرمي پد ۾ جيڪڏھن 2 کان 4 ڊگري سينٽي گريڊ واڌ اچي وڃي ۽ گڏوگڏ ھوا جي دٻاءَ ۽ گھم ۾ به تبديلي ٿي پوي ته انھيءَ مخصوص زميني حصي تي گرمي ۾ شدت اچي ويندي، جيڪا اتي رھندڙ ماڻھن توڙي ٻي مخلوق جي عام رواجي سھپ کان مٿڀري ۽ برداشت ڪرڻ ۾ ڏکي پئي لڳندي آهي. انھيءَ مظھر (Phenomenon) کي گرمي لھر يا Heat Wave  چيو ويندو آھي. اھڙي لھر جو عمومي عرصو ٽن چئن ڏينھن کان وٺي ڪري ھفتو يا ڏھ ڏينھن تائين جو ھوندو آهي.

سائنسدانن ۽ ماحولياتي ماھرن جو خيال آهي ته اسانجو خطو، آبھوائي تبديلي (climate change) کان سڀ کان گھڻو متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آھي، تنھنڪري ئي اھڙيون گرمي لھرون، ٻوڏون، جهجھيون برساتون، ڏڪار ۽ موسمي ڦيرڦار جا ٻيا لقاءُ، نه صرف ھينئر درپيش آھن، بلڪه مستقبل ۾ به ھھڙن ھاڃن جو اڻٽر ۽ قوي امڪان موجود آھي.

گرمي لھر جا انساني صحت تي اگرا اثر

ھونئن ته گرمي جي شدت سان ھر طرح جي مخلوقات، پکي پکڻ، جانور، جيت جڙا، فصل، گل ٻوٽا ۽ وڻڪاري کان وٺي سڄي ماحوليات، جھڙوڪ آبي ذخيرا، گليشيئر، نديون، ڍنڍون، سمنڊ، ھوا، فضا، زمين ۽ ان تي موجود لڳ ڀڳ ھر شيءِ متاثر ٿيندي آھي، جنھن سان وري مجموعي ڪار جھان تي پڻ فرق پوندو آھي. پر انساني صحت تي اھا گرمي شدت گهڻا اگرا يا ناڪاري اثر وجھي ٿي.

گذريل چند سالن کان لاڳيتو اھڙين گرمي لھرن جي نتيجي ۾، اسان وٽ گرمي سٽ (Heat Stroke) جا ڪيس به تمام وڌي ويا آھن، جن سان معمولي علامتن کان ويندي شديد بيمارين ۽ اموات به واقع ٿين ٿيا ۽ ھڪ وڏي آبادي انھيءَ مصيبت جو نشانو بڻبي رھي آھي.

ھيٽ اسٽروڪ جون علامتون:

گرمي جي شدت جي ڪري ساڻائي (Weakness) ٿيڻ، جهجھو پگھر اچڻ، مٿي ۾ سُور ۽ چڪر، ٿڪجي پوڻ، ھنيانءُ ڪچو ٿيڻ يا الٽيون اچڻ، دل جو ڌڙڪو، پيٽ ۽ مشڪن (muscles) ۾ ڇڪ پيدا ٿيڻ، ٽَنگن جي پنڊين ۾ سور ۽ ڇڪَ(cramps) ، چمڙيءَ جو سخت گرم ۽ خشڪ ٿيڻ، ڪن صورتن ۾ بيھوشي جا دورا پوڻ ۽ بنھ پگھر نه اچڻ.

ھيٽ اسٽروڪ جو خطرو ڪنھن کي آھي؟

عام طور تي Heat Wave جي اعلانيل علائقن جي سموري آبادي population کي گرمي سٽ لڳڻ جو خطرو رھندو آھي، پر خاص ڪري اس ۾ ڪم ڪار ڪرڻ وارا پورهيت، ھاري ناري، بٺين ۽ گرم ڪارخانن ۾ سخت محنت ڪندڙ مزور، صغير ٻار ۽ پيرسن/پوڙھا، رانديگر ۽ ھر اھو شخص، جيڪو ڪاڙھي ۽ گرمي ۾ گھڻو وقت گذاري ٿو.

ھيٽ اسٽروڪ کان بچاءُ جا اپاءَ:

سڀ کان پهرين ته پنھنجو پاڻ کي گرمي ۽ اس کان بچائجي ۽ ٿڌي ڇانوَ واري ھنڌ ويھجي. ٻيو ته منجھند کان شام تائين غير ضروري طور تي ٻاهر نه نڪرجي ۽ جي اڻٽر مجبوري جي ڪري نڪرڻو پوي ته ڇٽيءَ يا ٽوال، رومال/ڪپڙي سان مٿي ۽ جسم کي اس کان بچائجي. پوشاڪ ھلڪي رنگن واري ۽ ڍري پائجي، سوٽي ۽ ٿڌا ڪپڙا زيب تن ڪجن ۽ ڳري لباس، ڪوٽ شيرواني وغيره کان پاسو ڪجي.

ٿڌو پاڻي، مشروبات، لسي، ڏھي، ٿاڌل، پاڻياٺ وارن ميون ۽ جوسن جو خوب استعمال ڪجي، جڏهن ته چانھ، ڪافي، ڪولا ڊرنڪس، تريل مصالحي دار ۽ ڳرن طعامن بدران سادا، ديسي ۽ مقامي کاڌا واپرائجن. گرمي مھل مٿي ۽ جسم تي ٿڌو پاڻيءَ ھارجي، بلڪه بھتر آھي ته وهنجڻ گهرجي. اس ۾ نڪرڻ مھل رنگين چشمي ۽ ٽوپي جو استعمال به بھتر عمل آھن.

جيڪڏھن اوھانکي يا ڪنھن ٻئي شخص کي “گرمي سٽ” جون علامتون ظاھر ٿين ته ھڪدم ٿڌي ھوادار جاءِ تي ويھي، ٿڌو پاڻي پيو ۽ جسم تي ھاريو ۽ فرسٽ ايڊ جا جتن ڪريو ۽ ڪنھن ھُل (Panic) بجاءِ حڪمتِ عمليءَ سان منھن ڏيو. پر جيڪڏھن علامتون وڌڻ لڳن ۽ فرحت نه ملي ته ھڪدم ويجھي صحت مرڪز/اسپتال يا ھنگامي مرڪز سان رجوع ڪريو ته جيئن بنا دير جي معقول ۽ گھربل علاج ٿي سگهي. ٻي صورتَ ۾ اھو ھيٽ اسٽروڪ انتھائي ھاڃيڪار ٿي سگھي ٿو، ايستائين جو موتمار پڻ.

موسمي ڦيرڦار ۽ گرمي لھرن جو مستقل حل ڇا آهي؟

ڏٺو وڃي ته قدرت اسانجي ھن گرهه “ڌرتيءَ” کي انساني جياپي ۽ صحتمند حياتيءَ لاءِ، ھڪ متوازن ۽ موافق حالتون/ماحول (Environment)  ڏنو آھي، پر حضرت انسان پنھنجي مادي ترقيءَ ۽ سھل پسنديءَ خاطر، مشينن ۽ ڪارخانن جي ڄار کان وٺي توانائي وسيلن جي غير مناسب استعمال توڙي قدرت جي ڏنل محفوظ ماحول کي پنھنجي ڪارستانين ۽ ھٿ چراند سان بري طرح متاثر ڪيو آھي. خاص طور تي ٻيلن ۽ وڻن جي واڍي، گوناگون جيوت (Biodiversity)  جو تاڃي پيٽو برباد ڪرڻ، دونھين جو شديد ۽ مسلسل اخراج، بي قاعدگي سان وڌندڙ شھري آباديون (Un planned urbanization), فضلي جا مسائل (Waste Issues), پلاسٽڪ جو بي انداز استعمال، ھوائي گدلاڻ، پيٽرول ۽ ڪوئلي جو بي تحاشا ڪارج وغيره.

اھڙين سڀني سرگرمين سان زميني گولي ۽ Atmosphere ۾ عالمي تپش (Global warming) ٿي پئي آھي، جيڪا وري آبھوائي تبديلي ((climate change جو سبب بڻجي ڪري اسانکي موسمي ڦير گھير جي مضر اثرات کي منھن ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي.

اسانکي گھرجي ته ماحول دوست رويا اپنايون، وڻ لڳايون، غير ضروري دونھون ۽ ڪاربن جي اخراج کي روڪي محفوظ Green Energy جا آپشن (شمسي ۽ ھوائي توانائي) رائج ڪريون. پلاسٽڪ ۽ ٻين نقصانڪار مصنوعات کي ڦٽي ڪري، ماحول دوست شيون ڪتب آڻيون. صفائي سٿرائي سان به اسانجو ماحول صحتمند رھي ٿو، تنھنڪري سادي ۽ نيچرل طرزِ زندگي کي اپنايون. حڪومتي ترجيحات ۾ به ماحول دوست قدمن کي شامل ڪرايون. ڪيميڪل، ڀاڻ، پيسٽيسائڊز، رٻڙ، زھريلي گئسون، دونھون، ريڊيائي ڌاتو، آتشبازي، ھٿيار، بم ۽ نيوڪليئر سرگرميون جڏهن حد کان وڌي وڃن (جيڪو اڄڪلهه اسين پسي رھيا آھيون!) اھي سڀ ماحول کي برباد ڪن ٿيون. جڏهن ته وڻ ٽڻ، ٻيلا، قدرتي وھڪرا، جھنگلي ۽ آبي جيوت، صاف پاڻي، پاڪ ھوا ۽ صحتمند رويا، ماحوليات کي شاد آباد ڪن ٿا. ھاڻي فيصلو اسانکي ڪرڻو آھي ته پنھنجي ماحول ۽ ڌرتيءَ جي گولي کي سنواريون يا بگاڙيون.

[email protected]