ميڊيا، موت ۽ منتشر معاشرو

0
24
ميڊيا، موت ۽ منتشر معاشرو

جنھن وقت ملڪ ۾ سياسي افراتفري انتھائي عروج تي آھي. جنھن وقت قانون ڪمزور ۽ انصاف اڻ لڀ آھي. جنھن وقت مھانگائي ماڻھن لاءِ جيئڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آھي. جنھن وقت ملڪ جو مستقبل چشمو پائڻ کان پوءِ به چٽو نظر نه ٿو اچي. جنھن مھل حڪمرانن کي معلوم ناھي ته انھن جي اقتدار جي آئيني نه پر عملي ڄمار ڪيتري آھي؟ جنھن وقت ملڪ جي ھڪ سياسي پارٽي رياست ۽ سياست ھٿان سوگھي ٿي نه ٿي سگھي. جنھن وقت فڪري ۽ عملي انتشار جو ڪانٽو ميٽر جي آخري انگ کي ڇھي رھيو آھي. جڏھن بم ۽ گوليون ھلائيندڙ دھشتگرد افغان سرحد جي ھن پار محفوظ موسم جو مزو وٺندا ھجن ۽ گيت لکندڙ شاعر کنڀي کڻي اھڙي ھنڌ ھنيا وڃن، جو قانون کي ڪو پتو نه پوي ته ڪشميري فرھاد ڪٿي آھي؟ جڏھن مٿين سطح تي اربين روپين جي سيڙپڪاريءَ سان سوشل ميڊيا کي قابو ڪري سگھندڙ “فائر وال” ٺھڻ جا اطلاع عام ھجن. جڏھن پنجاب جا ڪجھ صحافي جلاوطنيءَ ۾ سوشل ميڊيا جا محفوظ مورچا قائم ڪري ڊالر ڪمائيندا ھجن. جڏھن سياست ۽ صحافت جي ڪشمڪش ۾ اچي ارشد شريف جھڙو ملوڪ ميڊيا پرسن ڪينيا ۾ پراسرار موت جو شڪار ٿيو ھجي ۽ ھن مھل تائين ھن جي قاتلن جو ڪو پتو نه پيو ھجي. جڏھن سنڌ جي گرميءَ ۾ صحافين جو صرف پگھر نه پر انھن جو لال لھو به ڌرتيءَ تي وھندو نظر اچي.

اھڙي وقت سوشل ميڊيا تي شايع ٿيل ھڪ اوچتي خبر اداسيءَ جي مقدار کي وڌائڻ جو سبب بڻجي ٿي. ملڪ جي منتشر ۽ ملول ماحول ۾ غمگين ھوا جو جھوٽو ٻڌائي ٿو ته ثريا مخدوم ھِن جڳ مان ھلي وئي. ھوءَ جيڪا اڇي اجري ۽ سدائين ھلچل ۾ رھندڙ سنڌو نديءَ جي لھر ھئي، سا پنھنجا پھر جھاڳي ان سير ۾ سمائجي وئي، جتان ڪو به واپس نه ورندو آھي. ثريا مخدوم جي موت جو پتو پوندي ڄامشوري جي پٿرن جون اکيون به علامتي حوالي سان ضرور آليون ٿيون ھونديون. ھوءَ جيڪا ھڪ ھنج پکيءَ وانگر علم جي سنگريز ڌرتيءَ تي ڌيان سان ھلندي ھئي. ھوءَ جنھن کي پنھنجي قوم سان اھڙو پيار ھو، جھڙو پيار نياڻيون پنھنجي ڪٽنب سان ڪنديون آھن. ھوءَ جنھن جي دل ۾ صرف قومي سياست نه پر علم ۽ ادب لاءِ به عزت ۽ محبت ھئي. ھوءَ جيڪا ھر چڱي شيءَ کي ايپريشيئيٽ (Appreciate) ڪرڻ لاءِ قدم ڀري اچڻ کي پنھنجو فرض سمجھندي ھئي، ان جو پورو گھراڻو سچو ۽ سلڇڻو سنڌ دوست ھو.

سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ مشھور مخدوم خاندان ته اھو آھي، جنھن کي 9 لک جي گودڙي ڪوٺيو ويندو آھي. اھو خاندان جنھن علم ۽ ادب سان روايتي طرح ۽ سرڪاري سطح تي تعلق ته رھيو پر ان خاندان جي اصل سڃاڻ پيپلز پارٽيءَ جي اھا سياست آھي، جيڪا ھالا جي حوالي سان “اقرار به آ، انڪار به آ” جي وچ ۾ وڏي وقت کان ھلي رھي آھي. پر سنڌ صرف ھڪ مخدوم خاندان جي مالڪ ناھي. سنڌ ۾ ھڪ ٻيون مخدوم خاندان به رھيو آھي، جيڪو روشن خيال، ترقي پسند ۽ تمام گھڻي تخليقي قوت جو مالڪ رھندو آيو آھي. ان خاندان ۾ زاھد مخدوم جو ذڪر سنڌ جي سوشلسٽ تحريڪ جو اڻ ٽُٽ حصو آھي. اھو زاھد مخدوم جيڪو شاگرديءَ واري دور ۾ شعور جي مشعل سمجھيو ويندو ھو، ان زاھد مخدوم جي خاندان ۾ ھڪ شمع جھڙي جلندڙ سنھڙي ڇوڪري به ھئي، جيڪا سموري عمر عزت ۽ محبت جي روشني ڦھلائيندي رھي. گذريل ڏينھن پتو پيو ته ديس جي دريچي ۾ ٻرندڙ ان ميڻ بتيءَ کي موت اجھائي ڇڏيو آھي.

ادي ثريا جي وڇوڙي سنڌ ۾ ھلندڙ ڪوسي لڪ ۾ ڪافور جي تکي ۽ تلخ مھڪ پيدا ڪري ڇڏي آھي. اسان جي اداسين ۾ اضافو ڪندڙ خبر کي صبر سان برداشت ڪندي، سنڌ جي سرڪش روح ثريا مخدوم کي دکي دل سان الواع ڪندي جيڪو درد محسوس ڪيو ھوندو، ان جو پتو يا ته رات جو اچرج ۾ اکيون ڇڀندڙ آسمان جي تارن کي ھوندو يا ڏينھن جو انھن ڪوسن پٿرن کي، جن مٿان نازڪ پير رکي ثريا مخدوم قومي سجاڳيءَ جو ڊگھو سفر ڪيو!!

سنڌ جي سلڇڻي ۽ سدوري ڌيءَ ان وقت وڇڙي وئي، جنھن وقت سنڌ جي ڌرتيءَ ۾ دفن ڪيو ويو ھڪ ٻيون مقتول صحافي! جنھن موسم ۾ ندي به سڪل ھجي، ان موسم ۾ ھڪ قبر کي خشڪ ٿيڻ ۾ ڪيترو وقت کپي؟ ھن وقت ته سيني ۾ سڌيون گوليون لڳڻ سبب موت جي ڀاڪر ۾ ڀرجي ويل نصر اللھ گڏاڻيءَ جي قبر به سڪي وئي ھوندي. اوھان جان محمد مھر جي قبر جو حال ڪھڙو ٿا پڇو؟

سنڌ ۾ صحافت مٿان ڀوتارڪي نظام جا وحشي وار ائين ٿي رھيا آھن، جيئن پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ سرڪش صحافت مٿان اسٽيبلشمينٽ پوري ڪروڌ ۽ ڪاوڙ سان ڪڙڪيل آھي. وفاقي سطح تي آزاد صحافت وردين وارن ۽ انھن جي سياسي فرمانبردارن کان برداشت نه پئي ٿئي ۽ سنڌ ۾ وڏيرا ۽ انھن جا ڇاڙتا ان آواز کي موت جي ماٺ ۾ مدفون ڏسڻ چاھين ٿا، جنھن آواز ۾ ارڏائي ھجي. جنھن آواز ۾ سچائي ھجي. جنھن آواز ۾ پنھنجي عوام سان الفت جو واعدو ۽ اھو وچن ھجي، جيڪو موت جي موڙ تان مسڪرائي گذري ويندو آھي. اھوئي سبب آھي ته جيڪو جرنلسٽ ڪنھن طرح سان قابو نه ٿو ٿي سگھي ته ان کي قبر ڀيڙو ڪرڻ جا ڪي نه ڪي اپاءَ ايجاد ڪيا وڃن ٿا. جنھن ديس ۾ قانون قابو پٿرن نما ھجي ۽ لاقانونيت ڇتن ڪتن وانگر ڪچي توڙي پڪي تي گِگ ڳاڙيندي ھجي، اتي ڪنھن جي موت جو ڪو ذاتي بھانو تلاش ڪرڻ ڪنھن به طور تي مشڪل ناھي.

سنڌ ۾ صحافت جي مٿان موتمار وار ان ڪري گھٽ مشڪل بڻجي ويا آھن، جو ھاڻي سوشل ميڊيا سبب صحافت ان طرح سان منظم نه رھي آھي، جيئن اڳ ھئي. ھن وقت سوشل ميڊيا سبب انفرميشن انڊسٽري عالمي سطح تي ته تمام گھڻي منظم ٿي وئي آھي پر اھا لوڪل سطح تي بنھ منتشر ۽ مڪمل طور تي انارڪيءَ جي حوالي ٿي چڪي آھي. جڏھن ھر ماڻھو بنا لياقت ۽ صلاحيت جي مفت ۾ مونو ٺاھي ۽ يوٽيوب تي پنھنجو اڪائونٽ ايڪٽوِ ڪرائي تَر ۾ پنھنجي مرضيءَ ۽ مفاد سان جيئن چاھي، تيئن ھلي ته اھڙي ماحول ۾ ذميوار ۽ پروقار صحافت ڪندڙ جرنلسٽن لاءِ تمام گھڻي مشڪل پيدا ٿي پوي ٿي. سنڌ ۾ سوشل ميڊيا معرفت اھڙا اھڙا صحافتي چھرا به سامھون آيا آھن جو انھن کي ڏسي ميڊيا جي دنيا کي ڇڏڻ جا خيال اچڻ بيحد فطري محسوس ٿين ٿا. جڏھن ته سنڌ ۾ سوشل ميڊيا جو ھڪ منفي پھلو اھو به آھي ته جيڪو غيرسنجيدگيءَ سان ڪا غيرشائستا حرڪت ڪري ٿو، ان مٿان ويوز جو وسڪارو شروع ٿي وڃي ٿو. ھونءَ ته اھا صورتحال ھر ھنڌ آھي پر سنڌ جھڙن ماڳن تي سوشل ميڊيا جي اھا مصيبت عام جام ٿي وئي آھي، جنھن کي مناسب لفظن سان سينگاري لطيف اھو بيت لکيو ھو ته:

”اگھيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي

پلئه پايو سچ، آڇيندي لڄ مران“

سوشل ميڊيا سبب سنڌ ۾ معياري ۽ منظم صحافت جي مقام کي جيڪو ڪاپاري ڌڪ لڳو آھي، ان جو پورائو ڪرڻ جي ھن مھل تائين ڪا واٽ اجاڳر ٿي نه سگھي آھي. جڏھن ميڊيا جي جھان ۾ اھڙو منتشر ڪلچر پيدا ڪيو وڃي ته ان ۾ ڪنھن مفاد جو لولو پچائڻ لاءِ ڪنھن جو لاش ڪيرائڻ ڪو مشڪل ڪم نه رھيو آھي.

سنڌ جي آزاد ۽ سستو سمجھوتو نه ڪرڻ واري ميڊيا پويان موت جا ڪارا ڪتا نوس نوس ڪري رھيا آھن ۽ جڏھن به ڪو صحافي بذات خود خون ٿيڻ واري خبر بڻجي وڃي ٿو ته سنڌ جي سوشل ميڊيا تي ته وڏي ماتم جو ماحول جڙڻ ۾ ڪا خاص مشڪل پيش نه ٿي اچي پر اھو افسوس جو انتھائي مقام آھي ته ملڪي سطح تي اھڙن واقعن جو نه صرف سرڪاري پر صحافتي سطح تي به ڪو نوٽيس نه ٿو ورتو وڃي. اھا تمام وڏي افسوس ۽ پريشانيءَ جي ڳالھ آھي ته جيڪڏھن پنجاب يا خاص طور تي اسلام آباد جي مخصوص حلقي جو ڪو صحافي ڪجھ ڏينھن جي لاءِ به ورديءَ وارن يا بغير ورديءَ وارن ھٿان کنڀيو وڃي ٿو ته ان تي احتجاج جو شور آسمان کي ڇھڻ ٿو لڳي. جڏھن ته سنڌ ۾ ڪالھ جان محمد مھر ۽ اڄ نصر اللھ گڏاڻي کي سرعام قتل ڪيو ويو آھي ته ڪو احتجاجي جلسو ٿيڻ ته پنهنجي ماڳ پر ملڪ جي گاديءَ واري شھر ۾ ڪنھن پنھنجي ٻانھن تي ڪا ڪاري پٽي ٻڌڻ به گوارا نه ڪئي آھي. سنڌ جي صحافت سان ملڪي سطح تي اھو سلوڪ ٿي رھيو آھي، جنھن جي جھلڪ اسان کي وري به لطيف جي انھن لفظن ۾ ملي ٿي ته، “پاڙي ناھي پروڙ ته ڪا رات رنجائي گذري”. پاڪستان جي وچين ڌارا واري سياست ۽ قومي ميڊيا ھڪ اھڙو پاڙو بڻجي وئي آھي، جتي سنڌ جي پيڙا کي محسوس ئي نه ٿو ڪيو وڃي.

سنڌ جيڪا ڪجھ وقت اڳ تائين سياست ۾ ملڪ جي مھندار ھئي ۽ صحافت ۾ سنڌ پنھنجو ھڪ اھڙو مقام جوڙي ورتو ھو، جنھن سبب ملڪ جا حڪمران توڙي معتبر حلقا سنڌ جي سياست ۽ صحافت کي سنجيده عزت سان ڏسڻ لاءِ مجبور ھئا پر “ھن ٿر جي نظارن کي ڪيئن نظر لڳي ويئي”، ان جي ھن مھل تائين اسان کي پوري پروڙ نه پئجي سگھي آھي. آخر اھو ڇا ٿيو؟ جنھن سبب سنڌ کي تمام توھين آميز انداز سان نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. سنڌ جي سياستدانن کي سياستدان ۽ سنڌ جي صحافين کي صحافي نه سمجھڻ واري روش ۾ جيڪڏھن صرف رياست جو ھٿ ھجي ته ان جا سبب اندر کي اطمينان ڏيڻ جا باعث بڻجي سگھن ٿا پر جڏھن غير سرڪاري ميڊيا جي ماحول ۾ سنڌ سان ٻه اکيائي ڪئي وڃي ۽ جڏھن سنڌ جا صحافي گوليون کائي مرن ته به قومي ميڊيا کي ڪو ڪھڪاءُ محسوس نه ٿئي ته پوءِ معاملو ملول ٿيڻ کان اڳتي وڌڻ چاھيندو.

سنڌ ۾ صحافت جي نالي ۾ جيڪو انتشار پيدا ٿيو آھي، ان کي سرڪاري مشينري ھٿ وٺي وڌائي رھي آھي ۽ ان منتشر ماحول ۾ سچي ۽ سرڪش صحافت کي موت جي آغوش ۾ اڇلائڻ وارو سلسلو ڪنھن به صورت ۾ نه اتفاقي آھي ۽ نه وري ان کي نظراندز ڪرڻ گھرجي.