آءِ بي اي ذريعي استادن جي ٽيسٽ عمل جا نتيجا

0
243
مهين جي دڙي جي کوٽائي جا سو سال ۽ رازن تي پيل پردو

سنڌ جي تعليم، صحت، آبپاشي ۽ امن امان اهڙا مسئلا رهيا آهن جن تي ايترو بحث ٿيو آهي، ايترو ڳالهايو ويو آهي جو شايد ئي ڪنهن موضوع تي ايتري ڳالهه ٿي هجي، پر پوءِ به سنڌ ۾ ان حوالي سان ڏهاڪن کان ايندڙ حڪومتن بهتري نه آندي آهي. خراب حڪمراني جا ريڪارڊ قائم ٿيندا رهيا آهن ۽ ڪرپشن ڪرڻ جو مقابلو ٿيندو رهيو آهي. هونئن ته سنڌ ۾ گهڻي مدي واريون حڪومتون گهٽ رهيون آهن پر ايڪويهين صديءَ ۾ سڌي طرح  پ پ جي حڪومت ٽيون ٽينوئر پورو ڪندي نظر پئي اچي. هن وقت تائين هيڪاندا سوا تيرنهن سال سنڌ جي بنا ڪنهن رنڊڪ جي حڪمران رهي آهي. پر حقيقت اها آهي ته 2002ع واري مڪاني نظام معرفت به اڪثريتي طور هن پارٽيءَ جا ضلعي ناظم سنڌ جي اڪثر ضلعن جا حاڪم رهيا آهن. ايڏي ڊگهي وقت جي حڪمراني هوندي به سنڌ جا اڪثر مسئلا جيئن جو تيئن خرابي طرف ويندي نظر اچن ٿا، ايڪڙ ٻيڪڙ ڪنهن شعبي ۾ بهتري شروع ٿئي ٿي ته ان ۾ سياسي ڄنگهه ڏئي وري ڪيرايو وڃي ٿو. جيڪڏهن سنڌ جي سڀ کان وڏي شعبي ۽ وڌيڪ خرچ ڪندڙ وزارت جي ڳالهه ڪجي ته اهو تعليم وارو کاتو آهي. باقي ڳالهيون ته ٿينديون رهيون آهن. ويجهڙ ۾ وڏي وقت بعد تمام گهڻيون نوڪريون به ان شعبي جي تدريس لاءِ اعلان ڪيون ويون جيڪي ستيتاليهن هزارن جي لڳ ڀڳ آهن. انهن ڀرتين جي ذميواري سکر آءِ بي اي يونيورسٽي کي ڏني وئي. جن پاران جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي جون اهي ٽيسٽون سيپٽمبر مهيني ۾ لڳ ڀڳ ٻن هفتن تائين ورتيون ويون. لکت وارين ٽيسٽن جو طريقو اهو اختيار ڪيو ويو جو پهرين کان مئٽرڪ تائين جي نصاب مان هر هڪ مضمون لاءِ مارڪون مقرر ڪريون ويون ۽ ان لاءِ آبجيڪٽو وانگر طريقو اختيار ڪندي هر سوال جي جواب لاءِ چئن تائين آپشن رکيا ويا. انٽرنيٽ وسيلي رزلٽ لاءِ ڪيز جاري ڪيون ويون. هر روز پيپر الڳ الڳ رکيو ويو. امتحانن جي حوالي سان جيڪي شروع ۾ شڪايتون اڀريون اهي هن ريت هيون: 1. پيپر انتهائي ڏکيو آهي. 2. پيپر نصاب کان ٻاهر آهي. 3. جڏهن ڳجهو هو ته پيپر ڪيئن سوشل ميڊيا تي آيو!

جيئن جيئن پيپر ٿيندا ويا ان حوالي سان نيون نيون ڳالهيون ۽ شڪايتون سامهون اينديون رهيون. انهن ۾ هي ڳالهيون شدت اختيار ڪنديون ويون ته: 1. اميدوارن درست جواب ڏنا آهن ۽ پر ڪجهه مضمونن ۾ ڪجهه ڪيز غلط آهن، 2. سوالن کي ۽ ڪيز کي مارڪ ڪري نشاندهي ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. سوشل ميڊيا تي اهڙيون انيڪ نشاندهيون ڪيون ويون. جيڪي سوشل ميڊيا تي نشاندهيون ٿيون انهن مان 43 جي لڳ ڀڳ نظر ٿي آيون ته انهن ۾ ڪي واقعي غلطيون آهن. انهن مان سترنهن جي ايس ٽي ۽ باقي پي ايس ٽي ۾ هيون. ان دوران ٽيسٽنگ سروس جو ڪو به رد عمل سامهون نه آيو. جي ايس ٽي جو رزلٽ اچڻ شرط جهڙوڪر ٻائيتال مچي ويو. ڇو ته هڪ لک 63 هزار 753 ويٺل اميدوارن مان رڳو حتمي ميرٽ لسٽ موجب 1362 اميدوار پاس ٿيا هئا، جيڪي شروع ۾ ته 1200 ٻڌايا ويا هئا. تعليم جي وزير سردار شاهه جو بيان سامهون آيو ته سوال نصاب مان ئي هئا ۽ اهي ڦيري گهيري پيش ڪيا ويا. ان موقعي ته وري ٻه نوان بحث شدت اختيار ڪري ويا: 1. سرڪار ڀرتين جي پاليسي غلط ٺاهي آهي. 2. سوال نصاب کان ٻاهر آهن. 3. امتحاني طريقي ۽ ڪيز ۾ غلطيون آهن.

سکر آءِ بي اي جي سنڌ ٽيسٽنگ سروس کي ميرٽ لسٽ 30 سيپٽمبر 2021ع تي پڌري ڪرڻي هئي پر حڪومت جي ڀرتي واري ڪرائٽيريا تي شديد تنقيد سامهون آئي. ان ڪرائٽيريا موجب هر اميدوار کي هر سبجيڪٽ ۾ لازمي 45 سيڪڙو ۽ مجموعي طور 55 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ کي نوڪري ملڻ جو اهل قرار ڏيڻ جو اعلان ٿيل هو. حڪومتي حلقن پاران پاليسي ۾ نرمي جا اشارا به آيا، پر 5 آڪٽوبر واري ڪيبنٽ گڏجاڻي ۾ به پاليسي جي تبديلي ۾ فيصلو نه ٿي سگهيو ته نيٺ سکر آءِ بي اي به پي ايس ٽي جو رزلٽ 6 آڪٽوبر تي جاري ڪيو جنهن تحت هڪ لک 84 هزار 223 اميدوارن مان رڳو يارنهن هزار 549 اميدوار ميرٽ موجب ڪامياب ٿي سگهيا. جڏهن ته جي اي ايس ٽي جي نتيجو پهرين آڪٽوبر تي جاري ڪيو ويو هو. هوڏانهن سکر آءِ بي اي به پنهنجي ڪيز جي غلطين جي نشاندهي کي رد ڪندي پريس رليز جاري ڪيو ته سوشل ميڊيا تي آيل ڪيز ۽ سوال سندن ناهن ۽ انهن هڪ به غلطي کي تسليم نه ڪيو. جڏهن ته سوشل ميڊيا واريون جيڪڏهن ڪيز ۽ سوال ڏسجن ٿا ۽ نشاندهين جو جائزو وٺجي ٿو ته انهن ۾ فرق موجود آهي پر سکر آءِ بي اي انهن کي رد ڪيو ۽ سندن چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي آيل مواد ۾ ڦير ڦار ڪيو ويو آهي. ان اعتماد جي بحاليءَ جو هڪڙو ئي سڌو رستو آهي ته انتطاميا يا تعليم کاتو اهي اصل سوالي پيپر ۽ جوابي ڪيز پبلڪ ڪن تنهن بعد ماڻهن جا خدشا ختم ٿي سگهن ٿا ۽ ميرٽ کي قائم رکڻ لاءِ دليراڻا فيصلا ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي ۽ سنڌ جي نوجوانن جو اعتماد بحال ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. هاڻ جائزو وٺون ٿا ته انهن ڀرتي جي امتحانن مان ڪهڙا اهم معاملا سامهون آيا آهن جن جي جائزي وٺڻ سان سنڌ جي تعليم ۾ بهتري آڻي سگهي سگهجي ٿي، اهي ڪجهه نقطا هي آهن:

1.خانگي اسڪولن جي پڙهائي:

استادن جي ڀرتي واري ان سموري عمل ۽ آيل نتيجن مان اها خبر پئي ته خانگي اسڪولن جا اڪثر اميدوار ناڪام ٿيا آهن. ان جو سبب اهو آهي ته هي ڀرتيون سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي نصاب موجب ٿيون. ان ڪري صوبي اندر گڏيل نصاب هڪ اهم ضرورت طور سامهون آيو آهي. ڇو ته داخلائن ۾ وري ايئن ٿئي ٿو ته خانگي يونيورسٽين ۾ پبلڪ سيڪٽر جا اڪثر شاگرد رهجي ويندا آهن.

2.سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي پڙهائي:

ايئن به ناهي ته پبلڪ سيڪٽر جا اميدوار گهڻا پاس ٿيا آهن. انهن مان به جيڪي انتهائي ذهين يا وري گهڻو پڙهي آيا يا رٽا هڻي آيا اهي پاس ٿيا آهن. اهو به ضروري آهي ته پڙهائڻ واري عمل لاءِ تربيت به وقت جي ضرورت آهي ۽ گڏوگڏ نصاب ۾ به جدت آڻڻ گهرجي.

3.امتحاني طريقو:

استادن جي ٽيسٽ جو هي طريقو انتهائي منجهائيندڙ ۽ غير منطقي به لڳي رهيو آهي. سرڪار کي اسڪولن جي سبجيڪٽ وائيز گهرج موجب پوسٽون ڊڪليئر ڪري جيڪو جنهن سبجيڪٽ ۾ دلچسپي سان اچڻ چاهي ان کي ان ۾ موقعو ڏجو ها ۽ ويهارو مارڪون جنرل رکجن ها. جنهن سان سائنس، آرٽ، مادري ٻولين، حسابن، ڪمپيوٽر سائنس، اسلاميات وغيرهه ۾ ڀڙ ۽ دلچسپي رکندڙ استاد سامهون اچن ها.

4.سنڌ جي تعليم

هنن امتحانن ڏهاڪن کان خراب ٿيل سنڌ جي تعليمي نظام کي به وائکو ڪيو آهي ته مستقل پاليسي جوڙي ان تي عمل نه ڪرائڻ جا هن طرح جا نتيجا اچي سگهن ٿا. اسڪولن ۾ سهولتون، استادن جي گهرج موجب فراهمي نه هئڻ سبب ۽ مٿان گوسڙو استادن جي فوج هجڻ ڪري سنڌ جي تعليم جا اهي نتيجا ظاهر ٿيا آهن.

5.ڪووڊ جي ڪري بي روزگاري

هڪ ٻيو اهم معاملو اهو به آهي ته آخر پنجن لکن جي لڳ ڀڳ اميدوارن، جن ۾ اعلى ڊگرين، انجنيئرنگ ۽ مختلف علمن وارا به آهن انهن استادي لاءِ ڇا شوق وچان اپلاءِ ڪيو؟ ان جو سادو جواب بيروزگاري آهي. پبلڪ سيڪٽر ۾ ايتريون نوڪريون وڏي وقت بعد اعلان ڪيون ويون. ان دوران ڪووڊ 19، خانگي شعبي کي ويهاري ڇڏيو. نوڪريون ۽ ڪاروبار گهٽجي يا ختم ٿي ويا ان ڪري نوجوانن جي وڏي انگ ڀرتي لاءِ امتحان ڏنا. جن ۾ تمام گهڻا هوشيار به آهن. پر اڳتي هلي سوال اهو ٿيندو ته ڇا انهن کي ڪي ٻيون سندن خواهش واريون نوڪريون ملي ويون ته وري هي نوڪري ڇڏي سگهن ٿا ۽ هن شعبي کي وري بحران ۾ وجهندا. ان حوالي سان به سرڪار کي ڪو ميڪنزم جوڙڻ گهرجي.

6.ٽيسٽنگ جي نظام تي سوال:

سکر آءِ بي اي برابر سنڌ جو هڪ ساکائتو ادارو آهي، پر ان جو مطلب اهو به ناهي ته ان کان ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائي ۾ غلطيون نه ٿيون ٿي سگهن. پر ماڻهن جو ٽيسٽنگ جي حوالي سان اهم سوال آيو ئي انهن سوالنامن تي آهي. جيتوڻيڪ اهي سون جي تعداد ۾ هئا ۽ روز الڳ پيپر هو، پر ان پيپر ۾ ڇا ڏنو ويو ۽ استادن جي ڀرتي لاءِ ڪهڙي قسم جي ٽيسٽ وٺجي اصل سوال اهو آهي. ڇو ته ڪلاس ۾ شاگردن کي پڙهائڻ ۽ نيلام گهر نما جواب ڏيڻ ٻي ڳالهه آهي. هڪ استاد جي ڀرتي ان سماج جي لاءِ بهتر ماڻهو تيار ڪرڻ واري ذميواري آهي. ان ڪري ٽيسٽنگ نظام کي رڳو مشيني نه بڻائجي پر ان سان ذهني ۽ سوچ جي پرک پٽاندڙ به نظام آڻجي.

7.سکر آءِ بي اي کي اهڙي ڪم ۾ پوڻ کپي؟

سکر آءِ بي اي يونيورسٽي سنڌ جو هڪ اهڙو ادارو آهي جيڪو هن ڪرپشن جي دور ۾ ٻڌائڻ ۽ ڏيکارڻ جهڙو آهي. جنهن خواب سان نثار احمد صديقي هن کي اڻيو ان خاڪي موجب هن جي اوليت سٺي تعليم ڏيڻ آهي. پر ڇا اهڙي قسم جون سروسز ڏئي هي ادارو اهو بار کڻي سگهندو. هن اداري جي پٺن تي ڪپهه ڀري وچ پاڻي ۾ ويهاري وري اٿڻ لاءِ چئبو ته هي ٻڏي ويندو. ان ڪري ٽيسٽنگ وارا نظام تعليمي ادارن کان الڳ ڪيا وڃن. ههڙن ادارن ۾ جديد علم ڏيڻ، تحقيق ڪرائڻ، سماج کي ڪجهه ڏيڻ لاءِ سائنس جا تجربا ڪرايا وڃن. مختلف شعبن ۾ جديد طرز جون تربيتون ڏيارڻ جو ڪم ورتو وڃي، ۽ اهڙي طرح جي پاليسين مرتب ڪرائڻ جو ڪم وٺجي ۽ ٽيڪنالاجي واري دنيا ۾ لهي پاڻ مڃائڻ جا ڪم ورتا وڃن. عقل، ڏاهپ ۽ فلسفي جا در کوليا وڃن ته ڪي عظيم سائنسدان، انجنئير، ٽيڪنالاجسٽ ۽ فيلسوف پيدا ٿين.