بحرانن جي ور چڙهيل عوام لاءِ وري گئس جو بحران

0
211
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ڪنهن هڪڙي پاسي کان به ڪا خوشخبري نه ٿي ملي، رڳو بحرانن مٿان بحرانن جو اڳڪٿيون ۽ خطرا آهن.ايئن ٿو لڳي ڄڻ پاڪستان ۾ رهندڙن کي وري پٿر واري دور ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي.اڳ ۾ به  ڪي اهڙيون سهولتون نه هيون جو ان کي جديد دنيا جي ملڪن سان ڀيٽي سگهجي پر گهٽ ۾ گهٽ عوام بجلي ،پاڻي ۽ گئس لاءِ پريشان نه هو جيئن گذريل ڪجهه سالن ۾ ٿيو آهي .انهن شين جا اگهه ڏينهون ڏينهن مهانگا ٿي رهيا آهن اها ته الڳ ڳالهه ٿي پر هاڻي ته انهن جي دستيابي به وڏو مسئلو بڻجي وئي آهي.مٿان وري عالمي مالياتي ادارا پاڪستان جي معيشت بابت خراب خبرون ٻڌائي رهيا آهن،ٿي سگهي ٿو جيڪو بحران هن وقت آهي ايندڙ وقت ۾ ان کان به وڌيڪ بحران آڏو اچن پر حڪمرانن جي حالت ڏسي لڳي نه ٿو ته انهن کي ڪو انهي ڳالهه جو فڪر آهي هو اڃان به سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي وارو راڳ ڳائي رهيا آهن.

بجلي جي لوڊشيڊنگ جي حالت سڀني جي اڳيان آهي شهرن کي ڇڏي سڄي ملڪ جي ٻهراڙين ۾ هاڻي به 18 کان 20 ڪلاڪن تائين بجلي غائب هوندي آهي جڏهن ته شهرن ۾ به 6 کان 12 ڪلاڪن تائين بجلي جو گم ٿيڻ معمول بڻيل آهي. پيئڻ جو صاف پاڻي ملڻ ته پري رهيو جيڪو صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي مهيا ڪيو ويندو آهي اهو به هر شهر جي نصيب ۾ نه آهي. هاڻي وري جيڪا خطرناڪ خبر سامهون آئي آهي ته هن سياري ۾ گئس جو وڏو بحران پيدا ٿيڻ وارو آهي. ان جو سبب اهو ٻڌايو پيو وڃي ته دنيا جو ڪو ملڪ پاڪستان کي ايل اين جي ڏيڻ ۾ دلچسپي نه ٿو رکي. پاڪستاني حڪومت عالمي مارڪيٽ مان ايل اين جي خريد ڪرڻ لاءِ 8 ڪارگو خريدڻ جو واڪ گهرايو پر 11 آڪٽوبر جي رکيل آخري تاريخ تائين دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ مان ڪوبه واڪ نه آيو آهي. پيٽروليم ڊويزن جو چوڻ آهي ته پهريون ڀيرو ڪو ڪارگو نه مليو آهي، سڄي دنيا ۾ گئس جي کوٽ ٿي سگهي ٿي ان ڪري اسان کي گئس نه ملي هجي. اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته سياري ۾ گئس جي لوڊشيدنگ ڪئي ويندي 24 ڪلاڪن مان رڳو 9 ڪلاڪ گئس موجود هوندي ۽ ناشتي ،منجهند ۽ رات جي وقت 3-3ڪلاڪ گئس ملندي. اها ته حڪومت جي حڪمت عملي آهي رڳو رڌپچاءَ لاءِ، پر اها گئس رڳو رڌپچاءَ جي ڪتب نه آندي ويندي آهي. سياري ۾ ته گئس جو استعمال وڌيڪ وڌي ويندو آهي. خاص ڪري اهڙن علائقن ۾ جتي ٿڌ وڌيڪ پوندي آهي. انهي کانسواءِ حڪومت جيڪا دعويٰ ڪندي آهي صورتحال ان جي ابتڙ هوندي آهي. خبر ناهي ته جيڪو لوڊشيڊنگ جو شيڊيول ٻڌايو پيو وڃي ان مطابق ئي گئس ملندي يا اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ پنهنجا اثر به ڏيکاريندي، جيئن بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ عوام لاءِ عذاب هوندي آهي. انهي کانسواءِ انهي ايل اين جي تي هلندڙ فيڪٽريون، صنعتون، سي اين جي اسٽيشنز ڪيترو متاثر ٿينديون،ملڪي معيشت کي ڪيترو ڌڪ لڳندو؟ ۽ گهڻن ماڻهن جو روزگار ان سان لاڳاپيل آهي اهو خطر ي۾ هوندو اهو اڃان الڳ سوال آهي.

اسان سمجهون ٿا ته هي ڪا معمولي ڳالهه ناهي جو سڄي دنيا مان ڪٿان به ڪو واڪ نه آيو هجي. حڪومت کي انهي جو ادراڪ اڳواٽ هجڻ گهرجي ها ته جيڪڏهن صورتحال اهڙي بيهندي ته ان جو متبادل ڇا هوندو پر هي حڪومت رڳو اڄ جو ڏينهن ڪم نڪرڻ واري پاليسي تي هلي رهي آهي ۽ انهي کي ايندڙ وقت جي ڪا پرواهه نه آهي، ڄڻ ته ايڊهاڪ ازم ۽ عارضي طور معاملا هلائڻا هجن. جيڪڏهن گئس جو شديد بحران پيدا ٿيو ته اهو نه رڳو ملڪي معيشت کي متاثر ڪندو پر مهانگائي ۾ به خوفناڪ اضافو ٿيندو جنهن جو اڳ ۾خطرو ڏيکاريو پيو وڃي. تنهن ڪري حڪومت پنهنجون سموريون توانائيون انهي بحران مان نڪرڻ لاءِ هاڻي سان لڳائي ڇڏي، ايئن نه ٿئي اهو بحران اچي مٿان پئي ۽ حڪومت وٽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ وقت ئي نه بچي.