چپڙي ۽ يڪتاري جي بادشاهه جلال چانڊيو جي وڇوڙي کي 23 ورهيه وهامي ويا

0
70

چپڙي ۽ يڪتاري جي بادشاهه جلال چانڊيو جي وڇوڙي کي 23 ورهيه وهامي ويا

ڦل شهر جي ڳوٺ هڙپال جو هٽ ۾ 1948 ۾ جنم وٺندڙ جلال چانڊيو ڪا به تعليم حاصل نه ڪئي

جلال چانڊيو پنهنجي حياتيءَ واري عرصي ۾ 10 هزار کان وڌيڪ ڪلام ڳايا

چپڙي ۽ يڪتاري جي استعمال جلال کي سنڌ جو مقبول ترين سنگر بڻائي ڇڏيو، جلال چانڊيو جي حياتيءَ تي سندس نالي سان سنڌي فلم به ٺهي، فلم ۾ جلال پنهنجو ڪردار پاڻ ادا ڪيو

 جلال چانڊيو 10 جنوري 2001 ۾ گڙدا فيل ٿيڻ سبب لاڏاڻو ڪيو، جلال چانڊيو جا ڳايل گيت اڄ به سنڌ جي جهر جهنگ ۾ مقبول بڻيل آهن