چرس اسڪينڊل ۾ منھنجو ڀاءُ به ذميوار نڪري ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: سڪندر راھپوٽو

0
544
چرس اسڪينڊل

ڪراچي (خصوصي انٽرويو) پ پ ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چرس اسڪينڊل بابت چيو آھي تھ چرس سنڌ ۾ نه ٿو ٺهي، چرس هتي پهچائڻ واري چين ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا عملدار به ملوث آهن، جيڪڏھن منھنجو ڀاءُ ملوث نڪري تھ ان خلاف بھ ڪارروائي ڪئي وڃي، پ پ ايم اين اي سڪندر راهپوٽو ڄامشوري ۾ چرس اسڪينڊل بابت ٽائيم نيوز کي انٽرويو دوران ڳالهيون ڪيون، سڪندر راهپوٽو چيو آهي ته چرس اسڪينڊل ۾ ڄامشورو پوليس ۽ اسان تي سنگين الزام لڳايا ويا آهن، منهنجي ڀاءُ سرور راهپوٽو تي به الزام لڳا آهن، جاچ ڪميٽي ۾ سٺي ساک رکندڙ آفيسرز شامل آهن، جاچ رپورٽ ۾ منهنجي ڀاءُ سوڌو جيڪو به ذميوار نڪتو، اُن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ھن چيو تھ منشيات خلاف آھيون، جيڪو بھ منشيات اسڪينڊل ۾ ملوث ھوندو ان خلاف ڪارروائي ٿيڻ گھرجي، پ پ ايم اين اي طرفان وفاقي سرڪار کان سرحدن تي منشيات اسمگلنگ روڪڻ جو به مطالبو ڪيو آھي.