چين دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ تيز ترين ٽرين هلائي ڇڏي

0
397

ڪراچي(م ڊ) چين 6 سئو ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندڙ دنيا جي تيز ترين ٽرين هلائي ڇڏي، پرڏيهي خابرو اداري موجب گذريل ڏينهن چين ۾ دنيا جي سڀ کان تيز ٽرين (MAGLEV TRAIN) پنهنجي سفر جو آغاز ڪيو، رپورٽ موجب ٽرين 600 ڪلو ميٽر (373) في ڪلاڪ جي رفتار کان هلي هلي سگهي ٿي جيڪا دنيا ۾ ڪنهن به ٽرين کان تيز ترين رفتار آهي، ٽرين جو آغاز اوڀر چين جي صوبي شينڊونگ جي سامونڊي شهر ڪنگڊائو سان ڪيو ويو، چيني ميڊيا موجب هن ٽرين جي ذريعي بيجنگ ۽ شنگهائي جي وچ جو سفر 5 ڪلاڪن جو هڪ هاڻي اڍائي ڪلڪن جو رهجي ويو آهي، چائنا ريلوي رولگن اسٽاڪ ڪارپوريشن جي موجب دنيا جي تيز ترين ٽرين چين جي تيار ڪيل آهي جنهن جي تياري ريل آف ٽرانزٽ جي شعبي ۾ ملڪ جي جديد سائنسي ٽِڪنالاجي جي ڪاميابي جي نشاندهي آهي.