ڪراچي(دلچسپ نيوز) مختلف تحقيقي رپورٽن موجب چانهه پيئڻ جا ڪيترائي فائدا آهن جيئن وقت کان اڳ دماغي ڪمزوري کان حفاظت، مخصوص قسمن جي ڪينسر، فالج، دل جي بيمارين ۽ ذيابطيس جي خطرن ۾ گهٽتائي وغيره. ڪاري چانهه (سليماني چانهه)، سائي چانهه سميت چانهه کي ڪيترن ئي قسمن ۾ تيار ڪري پيتو ويندو آهي. کنڊ کان بنا چانهه اينٽي آڪسيڊنٽس سان ڀرپور هوندي آهي جيڪي مختلف مرضن جي روڪٿام ۽ جسماني گهرڙن جي مرمت ۾ مدد ڏيندا آهن. کير کان بنا چانهه پيئڻ جي عادت سان چمڙي جي ڪينسر جي خطرن ۾ واضح گهٽتائي ايندي آهي.