ڪراچي (دلچسپ نيوز) ڪنڊ ملير بلوچستان جي سمنڊ ڀرسان ٻيٽ اُڀري آيو. ڪنڊ ملير جو سامونڊي هنڌ ڪراچي کان 41 ڪلو ميٽر فاصلي تي آهي، اورماڙا ۽ ڪنڊ ملير ڀرسان ڇادم واري هنڌ اڀرندڙ ان ٻيٽ سان سامونڊي جيوت کي ڪو وڌيڪ نقصان نه ٿيندو پر اهو هڪ خاص ارضياتي واقعو آهي. ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان جي ٽيڪنيڪي صلاحڪار معظم خان موجب 3 ڀيرا اڳ به ان جاءِ تي ٻيٽ اڀري چڪا آهن ۽ گهڻي ڀاڱي اهڙا ٻيٽ اڀرڻ جي ڪجهه عرصي کانپوءِ گم ٿي ويندا آهن. معظم خا جو چوڻ هو ته 29 نومبر 1945ع ۾ ڪنڊ ملير ڀرسان سونامي رڪارڊ ٿي چڪي آهي ۽ 1945ع ۾ جتي زلزلو آيو هو، اهو هنڌ به اتان تقريبن 15 کان 20 ناٽيڪل ميل فاصلي تي آهي. سمنڊ ۾ اهي ٻيٽ اونهي پاڻين ۾ جاگرافيائي تبديلي سبب وجود ۾ ايندا آهن.