ڪراچي(دلچسپ نيوز) چيني ڪمپني ريئل مي پنهنجو پهريون ٽيبليٽ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. ريئل مي پيڊ نالي ان ٽيبليٽ ۾ 10.4 انچ جو آءِ پي ايس ايل سي ڊي ڊسپلي 2000×1200 پڪسل ريزوليشن سان گڏ ڏنو ويو آهي. اهو ٽيبليٽ متاثر ڪندڙ حد تائين سنهي باڊي وارو آهي جنهن جي ٿولهه رڳو 6.9 ملي ميٽر آهي. ڪمپني موجب ٽيبليٽ ۾ ميڊيا ٽيڪ جو هيليو جي 80 پراسيسر موجود آهي. اهڙي ريت 3 ۽ 4 جي بي ريم ۽ 32 ۽ 64 جي بي اسٽوريج جا آپشن واهپيدارن لاءِ موجود آهن ۽ اسٽوريج ۾ ايس ڊي ڪارڊ ذريعي وڌيڪ واڌارو ڪري سگهجي ٿو. ٽيبليٽ ۾ فرنٽ ۽ بيڪ تي هڪ هڪ ڪئميرا موجود آهي، اهي ٻئي ڪئميرائون 8 ميگا پڪسل جون آهن. ٽيبليٽ ۾ 7100 ايم اي ايچ جي بيٽري آهي جنهن سان گڏ 18 واٽ چارجنگ ۽ ريورس چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي. ٽيبليٽ جي چئني ڪنڊن ۾ چار اسپيڪر ڏنل آهن