پيرس(دلچسپ نيوز) فرانس جي سوربون يونيورسٽي جي مارهن هڪ دلچسپ تجربو ڪيو آهي جنهن ۾ رڳو آواز جي شدت ۽ ڪوڙ وچ ۾ لاڳاپو واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. رپورٽن موجب ان تحقيق لاءِ فرانسيسي سائنسي اداري اهم ڪردار ادا ڪيو. تجربي ۾ معلوم ٿيو ته آواز جي پچ، ڳالهائڻ جي شرح ۽ شدت به ٻڌائِي سگهي ٿي ته ڳالهائڻ وارو ڪوڙ پيو ڳالهائي يا وري سچ ڳالهائي رهيو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪنهن جي آواز ۾ نڪ مان نڪرندڙ آواز به ٻڌائيندا آهن ته هو سچ پيو ڳالهائي يا ڪوڙ ڇاڪاڻ ته دماغ زبان جو ساٿ نه ڏئي سگهندو آهي ۽ آواز هلڪو ٿيندو ويندو آهي. لفظن تي زور به گهٽجي ويندو آهي ڇاڪاڻ ته ڳالهائيندڙ کي خبر هوندي آهي ته هو ڪوڙ پيو ڳالهائي. ان ڪيفيت کي پروسوڊي به چيو ويندو آهي جنهن ۾ لفظن ۽ جملن بدران آواز جي زيرو بم کي ڏٺو ويندو آهي.