ڄام نواز علي ( ن پ ا ) ڄام نواز علي ويجهو هڪ هفتو اڳ ڪارنهن الزام ۾ قتل ٿيل نوجوان جي خون جو جرڳو ڪيو ويو، جوابدار قادر بخش مگسي جي ڌر تي 26 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، ڪارنهن الزام ثابت ٿيڻ تي مقتول الله بچايو مگسي جي گهرڀاتين کي ڳوٺ مان نيڪالي ۽ قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار جِي ٻن ڀينرن جا مقتول جَي ڀائرن کي ڏنل سڱ واپس ڏيڻ جِي به فتويٰ ڏني وئي، ڳوٺ ڇڏڻ لاءِ مقتول جَي پيءُ خيردين مگسي جِي 4 ايڪڙ زمين 48 لک رپين ۾ جوابدار کي وڪرو ڪئي وئي، جرڳي دوران خير دين مگسي وارِي ڌر جو موقف ئي نه ٻڌو ويو………