سنجهوري ويجهو سڱاوتي تڪرار تان ڀاءُ ڀيڻ جو ڳلو ڪپي ڇڏيو

0
281

سنجهورو (ن پ ا) سنجهوري ٿاڻي جي حد ڳوٺ يعقوب سنجراڻي ۾ 15 ورهين جي شاھينه ڌيءَ قاسم شيخ کي سندس سڳي ڀاءُ مالڪ شيخ ساهرن تي ڪيس ٺاهڻ لاءِ تيز ڌار آلي سان بيدردي سان ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس کي اعترافي بيان ۾ جوابدار جو چوڻ آهي ته منهنجي شادي پنهنجي ڀيڻ گل پري جي رشتي عيوض ٽنڊوآدم مان ٿيل آھي، منهنجي ساهرن سان تڪرار هلندڙ هو ۽ هنن منهنجي زال سميت ڀيڻ کي پنهنجي گهر رکيون ويٺا هئا، ان بابت رات مقامي چڱي مڙس اشرف سنجراڻي وٽ فيصلو ٿيو، فيصلي کانپوءِ جڏهن آئون پنهنجي گهرواري کي وٺڻ لاءِ ٽنڊوآدم ويس ته منهنجي ساهرن گهرواري ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ سڱاوتي ۾ ڏنل منهنجي ڀيڻ واپس ڪري ڇڏي ۽ منهنجي ساهرن مون کي ڪنهن به صورت ۾ زال نه ڏيڻ ۽ ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، جنهن تي مون اهو انتهائي قدم کنيو ته هن کان اڳ جو مون تي ڪيس ٺاهيو وڃي، مون پنهنجي ساهر تي ڪيس ٺاهڻ لاءِ پنهنجي 15 سالن جي ننڊ پيل ڀيڻ شاهينه کي ڇري سان ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو.