ڀان سيدآباد ( ن پ ا ) ڀان سيدآباد ۾ يوسي جعفرآباد جي ٻوڏ متاثر ڳوٺ پنهيار جي رهواسي پنهيار برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٻيڙي نه ڏيڻ تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ لٺيون ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب عادل، محمد حسن، راحب، صدام، محمد، سهيل، الله بخش، فياض، سلطان سميت ٻنهي ڌرين جا 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي زخمي حالت ۾ سرڪاري اسپتال ڀان سيدآباد منتقل ڪيو ويو جتي کين طبي امداد ڏني وئي، واقعي بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. پوليس موجب واقعو ٻيڙي نه ملڻ تان پيش آيو، پنهيار برادري جي هڪ ڌر چاهيو پئي ته ٻيڙي ۾ اسان سوار ٿي ڳوٺ وڃون ۽ ٻي ڌر چاهيو ته اسان وڃون ان تان بحث ٿيو ۽ جهيڙو ٿي پيو.