جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ڀرسان نورواهه جي علائقي ۾ راشن کڻي ويندڙ ٽرڪ پٺيان ڊوڙندڙ 3 برسات متاثر نوجوان  عبدالرحمٰن منجهو، بشير احمد ۽ اشرف منجهو ٽرڪ هيٺيان اچي مرڻينگ ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ زخمي کي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني وئي. ان سلسلي ۾ حد جي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٽرڪ تي راشن وڃي رهيو هو ته روڊ تي ويٺل برسات متاثر ان جي پٺيان پيا ته اهي ٽرڪ ھيٺيان اچي ويا آهن