گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀرسان روهڙي ڪئنال جو ڪٽ بند ڪرڻ خلاف شهرين پاران ٻئي ڏينهن به پپري پمپنگ اسٽيشن تي ڪئمپ قائم، احتجاجي مظاهرو، انتظاميا پاران پڪٽون قائم ڪري پوليس کي الرٽ ڪيو ويو. شهرين پاران گرفتاريون ڏيڻ جو اعلان. ان موقعي تي ٻئي ڏينهن به احتجاجي ڪئمپ تي ويٺل شهرين ڪامريڊ نثار احمد ابڙو، فوجي عبدالطيف ناريجو، حاجي عبدالطيف شيخ، صفدر علي سهتو، مولوي نعمت الله شيخ، ميان رازڏنو اڄڻ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته کهڙا، گمبٽ سميت مختلف ڳوٺن ۾ 5 کان 6 فوٽ بيٺل آهي، پيرڳوٺ، احمدپور، صدر جون ڀٽيون، ٽنڊومستي کان وٺي سم نالي ۽ ٻين شاخن کي 13 ڪٽ لڳل آهن. اريگيشن عملو اهي ڪٽ بند ڪرائڻ لاءِ تيار نه آهي. ڪليري ڍنڍ جي ڪٽ واري پاڻي تباهي مچائي آهي، جتي انتظاميا وڃڻ لاءِ به تيار نه آهي. ايريگيشن انجنيئر معاهدو ڪيو هو ته روهڙي ڪئنال جو ڪٽ بند ڪرائڻ کان اڳ غير قانوني سم نالن کي لڳل ڪٽ بند ڪرايا ويندا ۽ 10 جهٽا سم نالي مان پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڏنا ويندا پر انتظاميا معاهدا پورا ناهن ڪيا ۽ ٽن ضلعن خيرپور سکر ۽ نوابشاهه جي پوليس نفري گهرائي وئي آهي. انتظاميا زبردستي روهڙي ڪئنال جو ڪٽ بند ڪرائڻ چاهي ٿي. ان سان گمبٽ شهر چند ڪلاڪن ۾ مڪمل ٻڏي ويندو. شهرين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته خدارا شهر جو پاڻي نيڪال ڪرڻ ڏنو وڃي ته جيئن گمبٽ شهر تباهي کان بچي سگهي.