ممبئي(انٽريسٽنگ نيوز) دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا ٿيندا آهن جن ۾ ڪيترائي ماڻهو موت جي منهن ۾ وڃي به صحيح سلامت جيئرا واپس اچي ويندا آهن. ڪالهه اهڙو ئي واقعو ڀارت جي اقتصادي راڄڌاني ممبئي جي علائقي ڪلياڻ ريلوي ٽريڪ تي پيش آيو آهي. ڀارتي ميڊيا جي ٽوئٽر اڪائونٽ تي 70 سالن جي هڪ شخص جي وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ريلوي انتظاميا جا ڪجهه ماڻهو هڪ شخص کي ٽرين جي هيٺان ڪڍي رهيا آهن. ٿوري سهاري سان ان شخص کي ٽرين جي هيٺان صحيح سلامت نڪرندي ڏسي سگهجي ٿو. ريلوي جي جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته ضعيف شخص هڪ ڏينهن اڳ منجهند 12 وڳي ريلوي ٽريڪ تي ڪريو. پليٽ فارم نمبر 4 تان ريل وڃي رهي هئي ته ان وقت 70 سالن جو هري شنڪر ريلوي ٽرين تان گذرندي ٽرين جي هيٺان اچي ڦاسي پيو. ڊرائيور ايمرجنسي بريڪ نه هڻي ها ته هري شنڪر ڪجهه لمحن ۾ ئي ريل هيٺان اچي فوت ٿي وڃي ها. ريل جي بيهڻ تي ماڻهن گڏجي هري شنڪر کي ريل هيٺان نڪرڻ ۾ مدد ڪئي. رپورٽ موجب شهري جي ڪرڻ بعد اهو ٽريڪ عوام لاءِ بند ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي ايمرجنسي ۾ بريڪ هڻڻ تي انجڻ ڊرائيور لاءِ 2 هزار رپيا روڪ انعام جو اعلان به ڪيو ويو آهي.