ڪابل ۾ صدارتي محل ڀرسان عيد نماز جي ادائگي دوران راڪيٽ حملو

0
358

ڪابل (ڊيسڪ رپورٽ) ڪابل ۾ صدارتي محل ڀرسان عيد نماز جي ادائگي دوران راڪيٽ حملو، حملي دوران 2 راڪيٽ فائر ڪيا ويا، فائرنگ باوجود صدارتي محل ۾ عيد نماز جاري رهي، نماز دوران افغان صدر اشرف غني به موجود هو، عيد نماز بعد پنهنجي خطاب ۾ افغان صدر چيو آهي ته هي عيد افغان فوج جي قربانين ۽ بهادريءَ جي نانءُ ڪريون ٿا، ملڪ ۾ مليشيا ۽ آمريت لاءِ ڪا به جاءِ نه آهي، طالبان ظاهر ڪيو ته هو امن جي خواهش نه ٿا رکن، اسان به اِن ئي بنياد تي فيصلا ڪنداسين.