ڀارتي ڪورونا وائرس جو قسم لنڊن پهچي ويو

0
422

لنڊن (رپورٽ: مير ٽالپر) لنڊن ۾ ڀارتي ڪورونا وائرس جي قسم جا ڪيترائي ڪيس سامهون اچي ويا، جنهن کي برطانوي وائرس کان به خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي. انگلينڊ صحت کاتي جي چيف آفيسر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڀارتي ڪرونا وائرس جا موجوده ٽيسٽن موجب سوين ڪيس سامهون اچي ويا آهن. هن چيو ته صرف لنڊن ۾ ئي 40 سيڪڙو ڪيس ڀارتي ڪرونا وائرس جا سامهون آيا، جيڪو ڳڻتي جوڳو اشارو آهي. برطانوي صحت کاتي جي آفيسر ڪرس وائيٽي عوام کي خدشن بابت آگاهه ڪندي چيو آهي ته ڀارتي وائرس برطانوي وائرس کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، جيڪو تيزي سان وچڙندڙ ۽ مريض تي اثر ڇڏيندڙ آهي. هن چيو ته موجوده ويڪسين ڀارتي ڪرونا وائرس تي ڪيتري فائديمند ٿيندي ان بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي. موجوده سامهون ايندڙ وائرس تي تحقيق شروع ڪئي وئي آهي، هن برطانوي عوام کي گذارش ڪندي چيو آهي ته جيترو ٿي سگهي اهي گهرن ۾ رهن، جيئن نئين پيدا ٿيندڙ صورتحال کي ڪنٽرول ڪري سگهجي.