لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونورسٽي لاڙڪاڻو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيلا عطاالرحمان جي صدارت هيٺ ڪووڊ 19 جي وڌنڌڙ مريضن واري صورتحال جي حوالي سان گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، ان ڏس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڊيش بورڊ جي فقدان کي فوري طور منهن ڏيڻ لاءِ يونيورسٽي پنهنجا ٽي اسٽيٽيڪل آفيسر مقرر ڪندي جيئن ڪورونا جي حوالي سان درست ڊيٽا مرتب ڪري سگهجي، جڏهن ته يونيورسٽي پيٿالاجي ڊپارٽمينٽ جي سمورن فيڪلٽي ۽ ٽيڪنيڪل اسٽاف کي فوري طور ڪورونا ليبارٽري ۾ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.