دادو (رپورٽر ) دادو ضلعي ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا مريضن جي انگ ۾ تيزي سان ٿيندڙ واڌ باوجود سول اسپتال ۾ داخل يا مريضن سندن علاج ڪرڻ لاءِ سرجيڪل وارڊ ڀرسان 12 ، بيڊن تي مشتمل قرنطينا وارڊ ۾ هڪ به وينٽيليٽر نه آهي. ضلعي جي واحد سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ڪيترائي اهڙا مريض اچن ٿا جن ۾ ڪورونا واريون علامتون هجن ٿيون پر انهن مريضن جون ڪورونا ٽيسٽون نه ڪرائڻ سبب دادو ڪورونا مرض ۾ تيزي سان واڌ اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ساڳئي وقت دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ڊاڪٽرن توڙي پئيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ملازمن کي ڪٽ، گلوز، سينيٽائيزر مهيا نه ڪرڻ سندن زندگيون پڻ داء تي لڳي ويون آهن. ٻئي طرف دادو اسپتال جي سول سرجن پير غلام حسين جو چوڻ آهي اسپتال ۾ قرنطينا وارڊ مخصوص ڪيو آهي جنهن ۾ آڪسيجن جو بندوبست ٿيل آهي، سول سرجن ٻڌايو ته سيوهڻ اسپتال ۾ داخل دادو ضلع جا 42 ڪورونا مريض ريفر نه ڪيا آهن ، اهي پاڻ مرادو ويا آهن ، سول سرجن موجب دادو ضلع ۾ 262 ڪورونا مريض آهن جيڪي گهرن اندر آئيسوليٽ ٿيل آهن.