ٿاڻوبولاخان( ن پ ا ) ٿاڻوبولاخان تعلقي اسپتال ۾ ڪورونا بچاءَ جي ويڪسين جو سينٽر قائم ڪيوويو آھي جتي ويڪسين ھڻڻ جو عمل شروع ٿي ويو آھي تعلقي اسپتال ۾ قائم وئيڪسين سينٽر تي 4 ڄڻن تي مشتمل طبي ٽيم جوڙي وئي آھي. ويڪسين سينٽر تي رجسٽريشن کان پوءِ اسڪريننگ ۽ صحت بابت مڪمل ڄاڻ وٺڻ کان پوء ويڪسين ڪئي وڃي ٿي، ويڪسين سينٽر قائم ٿيڻ کان پوء ٽي ڏينھن اندر صرف ٽي ماڻھن ويڪسين ڪرائي آھي ان سلسلي ۾ تعلقا اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ڊالو مل جو چوڻ آھي ته ڪوھستان جي عوام جي لاء وڏي ڪوششن سان سينٽر کولرايو آھي پر عوام ھن سينٽر مان فائدو وٺڻ کان ڪيٻائي رھي آھي ويڪسين جو پھريون ڊوز لڳڻ کان پوء ٻيو ڊوز جي20 کان 25 ڏينھن اندر ميسج اچڻ کانپوء لڳايو ويندو ڊاڪٽر عوام کي اپيل ڪئي آھي ته 50 سال کان وڌيڪ عمر وارن جي شناختي ڪارڊ جو نمبر 1166 تي موڪليو ميسج اچڻ کان پوء ويڪسين سينٽر تي اچي ويڪسين ڪرائين.