دادو ( رپورٽر ) دادو ۾ آبادگارن جي شڪايتن تي فرسٽ سول جج ، جڊيشل مئجسٽريٽ محمد اشرف ڏهراج جو اسسٽنٽ ڪمشنر (يو ٽي) فاطمه گهلو کي ساڻ ڪري خوراڪ کاتي جي دادو جي ڪڻڪ خريداري مرڪز تي ڇاپو هنيو. ڪڻڪ خريداري مرڪز جي انسپيڪٽر شعيب مگسي کان خريداري ٽارگيٽ ۽ بارداڻي جي ورهاست بابت ڄاڻ ورتي ۽ رڪارڊ چيڪ ڪيو. فرسٽ سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ گودام تي موجود آبادگارن کان پڻ بارداڻي جي ورهاست بابت معلومات ورتي. سول جج محمد اشرف ڏهراج چيو ته جنهن به آبادگار کي خوراڪ کاتو بارداڻو نه ڏئي اهو درخواست لکي سندس عدالت ۾ اچي ان کي سندس زمين جي ايراضي مطابق بارداڻو جاري ڪرايو ويندو. سول جج خوراڪ کاتي جي عملدارن کي حڪم ڏنا ته آبادگارن کي بارداڻو فراهم ڪري ڪڻڪ خريداري جو ٽارگيٽ پورو ڪيو وڃي.