بدين (رپورٽر) پيپلز پارٽي جي سينئر سياستدان  ۽ سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو جو مڙھ 22 جولاء اربع جي ڏينهن بدين آندو ويندو ۽ انڊس اسپتال بدين لڳ ڪراچي بدين مين روڊ تي سندس بنگلي جي سامھون خالي پيل زمين جي ميدان کي جنازي نماز لاء تيار ڪيو ويو آھي،جڏھن ته سندس وارثن موجب بدين ۾ 10،30 ساڊي ڏھين وڳي جنازي نماز پڙھائڻ بعد کيس اباڻي ڳوٺ متارو منڌرو ۾ سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويندو،  اهڙي تصديق ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو جي ڀائٽيي انجنيئر ذوالفقار منڌرو صحافين سان ڳالھائيندي  ڪئي. ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو جي خانداني ذريعن ٻڌايو ته جنازي ۾ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ سميت پيپلز پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ حڪومت جا اھم وزير سياسي سماجي اڳواڻ ۽ سينيٽر پڻ شرڪت ڪندا.