ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جي اڳوڻي گهر واري دانيا شاهه خلاف سائبر ڪرائيم ايڪٽ تحت ڪارروائي بابت داخل ڪيل درخواست تي  ايف آءِ اي (سائبر ڪرائيم )جي ڊائريڪٽر ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري 6 جولاءِ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. ڪالهه سماجي تنظيم پاران دانيا شاهه خلاف عامر لياقت حسين جي اعتراض جوڳي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي ته عدالت ايف آءِ اي کي دانيا شاهه خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي. درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته دانيا شاهه عورتن جي عزت مجروح ڪئي آهي، سندس حرڪت سبب پاڪستاني عورتن جا ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويا آهن، عدالت کي گذارش آهي ته معمولي تڪرار تان پنهنجي مڙس جي اعتراض جوڳي ويڊيو وائرل ڪرڻ تي دانيا کي سزا ملڻ گهرجي.