فيض گنج/ پير وسڻ (نمائندن وٽان) پڪا چانگ، پير وسڻ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن مان 3 مهينا گذرڻ کان پوءِ به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، برساتي پاڻي ڌپارو ۽ زهريلو ٿي وڃڻ سبب بيماريون ڦهلجي ويون، متاثرن جا احتجاجي مظاهرا، فوري طور پاڻي نيڪال ڪرائڻ جو مطالبو. پيرائتي خبر موجب پڪا چانگ جي غريب آبادڪالونيءَ مان ٽن مهينن کان پوءِ به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. ڪالوني جا سوين گهر، مسجدون، اسڪول، رهائشي ڪالونيون پاڻيءَ هيٺ آيل آهن. ٽن مهينن کان بيٺل پاڻي زهريلو ٿي وڃڻ بعد گيسٽرو، مليريا، پيٽ ۽ چمڙيءَ جون بيماريون پئدا ٿي ويون آهن. ان سلسلي ۾ غريب آبادڪالوني جي رهواسين سنگهار ميمڻ، خادم سيال، گل محمد، علي احمد سيال ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ايڊمنسٽريٽر ۽ ٽائون آفيسر پ پ اڳواڻن جا رشتيدار آهن، جن کان پڇاڻو معاف آهي، پاڻي نيڪال لاءِ ڪاغذن ۾ ڪروڙين رپيا خرچ ڏيکاريو ويو پر پاڻي اڃا تائين نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته غريب آباد ڪالوني مان پاڻي نيڪال ڪرائي ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي وڃي. هوڏانهن پير وسڻ ڀرسان ڳوٺ علي آباد مجيداڻو مان ٽن مهينن کان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن محمد رمضان مجيداڻو، رياض حُسين، فھد حُسين، محمد افضل، غلام علي مجيداڻو ۽ ٻين احتجاجي مظاهري بعد ميڊيا آڏو دانھيندي مطالبو ڪيو ته سندن ڳوٺ مان هنگامي بنيادن تي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.