لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي جي ادب شعبي جي سھڪار سان ڀائو درمحمد ٻرڙو ۽ محبوب چانڊيو پاران جمن دربدر جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. تقريب دوران جمن دربدر کي ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ سندس مشھور گيت ”وٺي ھر ھر جنم وربو مٺا مھراڻ ۾ ملبو“ سگھڙ ساند پنھنجي خوبصورت آواز ۾ پيش ڪيو ته ماحول سوڳوار ٿي ويو.شاعر حاجي ساند صدارتي خطاب ڪندي چيو ته ماما جمن لاءِ سموري سنڌ جنھن انداز سان پيار جو اظھار ڪيو آھي اسان ان تي حيران ناھيون ڇو ته ھن سموري سنڌ سان سڄي زندگي اھڙيءَ ريت پيار ڪيو ھو ھن جي زندگيءَ جو محور سنڌ ھئي، ھو سنڌ ۽ جي ايم سيد جو عاشق ھو. جامي چانڊيو چيو ته جمن دربدر جھڙن سدا ملوڪ ماڻھن جي ياد ۾ تعزيتي پروگرام ڪرڻ بدران سندن حياتيءَ جي حاصلات کي ملھائڻ گھرجي، جمن ھڪ ڀاڳوند انسان ھو جنھن زندگيءَ کي شاندار ڪارج ڏنو، هن سموري زندگيءَ ۾ ڪڏھن به تعصب نه پاليو ھو، نور نبي راھوجو چيو ته جمن دربدر سنڌ جو سچو قومي ڪارڪن ھو. استاد خالد چيو ته جمن سنڌ جي عشق سان سرشار ڪارڪن ھو. آرٽس ڪائونسل قمبر شھدادڪوٽ جي سرواڻ ڀائو درمحمد ٻرڙو چيو ته جمن دربدر سنڌ  جو اھو عظيم ڪردار ھو جنھن سنڌ سموري زندگي سنڌ جي عشق ۾ گيت چيا ھئا جنھن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پھچي سنڌ جي ساڃاهه جو درس عام ڪيو ھو. ادب شعبي جي چيئرمين پروفيسر ملھار سنڌي چيو ته جمن دربدر سنڌ جو اھو املھ ماڻڪ ڪردار ھو جنھن بنهه لوڀ لالچ جي سنڌ جي خدمت ڪئي ھئي ويڪائو ماڻھن کان سندس مقبوليت برداشت نه ٿي ٿئي.پروفيسر منظور ڇڄڙو چيو ته جمن دربدر جي نقش قدم تي ھلڻ جي ضرورت آھي. ڊاڪٽر سومار کوسو چيو ته جمن سنڌ جي نوجوانن لاءِ اتساھيندڙ ڪردار ھو. آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي جي باني عبدالستار کھاوڙ چيو ته جمن دربدر جو پروگرام اسان جي اداري لاءِ اعزاز آھي. تعزيتي ادبي ريفرنس کي ڊاڪٽر مظھر مغل، شيبا مغل، سراج ڪلھوڙو، زاھد جوڻيجو، اسلم تونيو، انور ڏنگڙائي، محبوب چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪندي جمن دربدر جي ڪردار تي ڀرپور روشني وڌي.