پُٽ جي گرفتاري شاه رخ خان کي ٽوڙي ڇڏيو، کائڻ پيئڻ ۽ سمهڻ به ڇڏي ڏنو

0
646

ڪراچي(م ڊ) منشيات ڪيس ۾ پٽ جي گرفتاري کانپوءِ بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان سخت پريشانين ۾ مبتلا آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب وڏي پٽ آريان جي گرفتاري اداڪار کي تمام گهڻو متاثر ڪيو، موجوده دور هن جي زندگي جو تمام ڏکيو وقت آهي.

شاهه رخ خان جي هڪ ويجهي دوست انڪشاف ڪيو آهي ته سپر اسٽار پنهنجي پاڻ کي پرسکون ۽ مطمئن ظاهر ڪري رهيو آهي پر حقيقت ۾ هو غم ۽ ڪاوڙ جي حالت ۾ آهي.

اداڪار جي دوست وڌيڪ چيو ته جڏهن کان آريان کي منشيات جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو شاهه رخ نه سمهي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري صحيح  طريقي سان کائي پي رهيو آهي، سندس پٽ جي گرفتاري کيس مڪمل طور تي ٽوڙي ڇڏيو.

رپورٽ موجب شاهه رخ جو خيال هو ته آريان کي ضمانت ملي ويندي ۽ هوءَ واپس گهر موٽي ايندو ۽ هو سومر کان پنهنجو ڪم ٻيهر شروع ڪندو، پر سڀ ڪجهه اميدن جي ابتڙ ٿيو جڏهن ممبئي جي مقامي عدالت سندس پٽ جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، جنهن سبب اداڪار پنهنجا سڀ ڪم ڪار ملتوي ڪري ڇڏيا.

ياد رهي ته منشيات ڪيس ۾ آريان خان اعتراف ڪري چڪو آهي ته هو گذريل چئن سالن کان منشيات جو عادي آهي.