نيويارڪ (دلچسپ نيوز) قسمت جي ديوي مهربان: پراڻي اي ٽي ايم مشين نوجوان کي امير بڻائي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا ۾ پراڻيون مشينون خريد ڪندڙ هڪ نوجوان هڪ واپاري کان پراڻي اي ٽي ايم مشين وٺي گهر کڻي آيو، نوجوان مشين کي ڪٽي ان مان لوهه ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ته پيسن واري خاني مان ڊالر نڪرڻ شروع ٿيااي ٽي ايم مشين مان نڪتل ڊالر پاڪستاني ساڍا 3 لک رپيا هئا، نوجوان پيسا ملڻ بعد رات وچ ۾ امير بڻجي ويو. ان حوالي سان نوجوان خابرو اداري کي ٻڌايو ته مون اها اي ٽي ايم مشين پنهنجي پراڻي مالڪ کان خريد ڪئي هئي، مالڪ مونکي چيو ته ڄاٻيون گم ٿي ويون آهن اوهان هي مشين 300 ڊالرز ۾ خريد ڪيو هن ۾ ڪجهه رقم موجود آهي جيڪا به رقم نڪتي اها اوهان جي هوندي. نوجوان چيو ته ساڍا 3 لک رپيا نڪرڻ بعد مون مالڪ سان پڻ رابطو ڪيو ۽ کيس آگاهه ڪيو پر هن چيو ته هاڻي اها رقم اوهان جي آهي.