لنڊن (دلچسپ نيوز) شوق جوملهه ناهي: 88 ورهين جو همراهه گول ڪيپر بڻجي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانيا جي لنڊڊنو ويلزواسي فٽبالرڪيمسل پنهنجي ڪلب جو گول ڪيپر بڻجي ويو ۽ سندس عمر 88 سال ٻڌائي پئي وڃي تنهن هوندي به هو انتهائي ڦڙتيلو گول ڪيپر سمجهيو وڃي ٿو ۽ پنهنجي ڪلب جو انتهائي اهم رانديگر سمجهيو وڃي ٿو، ان حوالي سان سندس چوڻ آهي ته ننڍپڻ کان ئي فٽبال کيڏڻ شروع ڪئي،عالمي رانديگر نه ٿي سگهيس.ڪيمسل چيو ته فٽنيس ليول صحيح نه هجڻ ڪري گول ڪيپر بنجڻ کي ئي سڀڪجهه سمجهيو. هن چيو ته ڪيترن ئي نوجوانن کي فٽبال راند سيکاري، شوق ڪڏهن به ختم ناهي ٿيندو.