اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي اڳوڻي وزيراعظم تي قاتلاڻي حملي خلاف احتجاج جي حڪمت عملي تبديل، ايم ون موٽروي انٽرچينج بند ڪري ڇڏيو، زلفي بخاري جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ايم ون موٽروي اسلام آباد ٽول پلازه وٽ احتجاج ڪندي اسلام آباد ايندڙ ۽ ويندڙ رستا بند ڪري ڇڏيا، زلفي بخاري چيو آهي ته عمران خان جو حڪم ملڻ تائين ايم ون موٽروي انٽرچينج بند رهندو، لاهور  ۽ پشاور کان موٽروي ذريعي ايندڙ گاڏيون اسلام آباد ۾ داخل نه ٿي سگهنديون، هن چيو ته فتح جنگ روڊ ۽ موٽر وي ايم ون انٽرچينج وٽ هڪ ئي وقت ڌرڻو جاري رهندو.