اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه جا ريمارڪس ڏنا ته وزيراعظم کي ملڪ هلائڻ نه اچي ته ڇا عدليه ملڪ هلائيندي؟ ڇا ايگزيڪيوٽو جي ناڪامي تي عدليه سُپر رول ادا ڪري سگهي ٿي، ڪير چئي حڪومت شڪي ۽ وزيراعظم تڪراري آهي ته ڇا عدليه حڪومت هلائيندي، اِن شئي کي ڪٿي ته روڪڻو پوندو، سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدليه ايگزيڪيوٽو جا اختيار نه اورانگهي سگهي ٿي ۽ نه استعمال ڪري سگهي ٿي، عدليه ايگزيڪيوٽو کي ذميواري پوري ڪرڻ جو چئي سگهي ٿي، سوموٽو جو اختيار به انتهائي احتياط سان استعمال ڪرڻو پوندو آهي، چيف جسٽس چيو ته نيب ترميمون بُنيادي حقن سان ٽڪراءُ تحت ڪالعدم قرار ڏنيون وڃن ته پُراڻو قانون ڪيئن بحال ٿيندو؟ پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي 14 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي. جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته غيرقانوني آمدني جي احتساب لاءِ ٻيا قانون به موجود آهن، سسٽم بريڪ ٿي وڃي ته سخت قانون به موثر ناهي رهندو، سڀ ڪجهه عدليه کي ڪرڻو آهي ته ڇا اهو ايگزيڪيوٽو جا اختيار اورانگهڻ نه هوندو؟ ڇا بنيادي حقن جي تحفظ ۾ اختيارن جي تقسيم جي لڪير عدليه عبوري ڪري سگهي ٿي؟ عدليه انتظاميا جي ڪيترن ئي قدمن کي ڪالعدم قرار ڏنو، اهڙا ڪيئي عدالتي فيصلا موجود آهن، نيب ترميمن سان ڪيترن ئي شقن کي ڪڍيو ويو آهي. درخواستگذار جو موقف آهي ته ڪڍيل شقون ٻيهر بحال ڪيون وڃن هي صورتحال ماضي کان مختلف آهي. عمران خان جي وڪيل خواجه حارث چيو ته غيرقانوني آمدني تي نيب جو اختيار به ترميمن سان ختم ڪيو ويو آهي، ايمنسٽي صرف ڪارو ناڻو اڇو ڪرڻ لاءِ هوندي آهي، ترميمن کان اڳ نيب کي ايمنسٽي ۾ غيرقانوني آمدني تي ڪارروائي جو اختيار هو، نيب جي سستي تي سپريم ڪورٽ ڪرپشن معاملن جي جاچ ڪرائي، سپريم ڪورٽ جعلي اڪائونٽس تي جي آءِ ٽي جوڙي، آرمي چيف جي مقرري واري معاملي تي عدالت قانونسازي جو حڪم ڏنو، بنيادي حقن جو تحفظ عدليه جي ذميواري آهي. بعد ۾ ٻڌڻي 14 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي.