ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جي ڊي اي سربراهه پير پاڳارو حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ٽياڪڙي ڪرائڻ لاءِ تيار، ان ڏس ۾ جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ سردار رحيم فنڪشنل ليگ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي ڊي اي جي نئين سر تنظيم سازي ڪري رهيا آهيون، اسان مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور نموني  حصو وٺي اپوزيشن واري خلا کي پورو ڪيو آهي، هنن چيو ته عمران حڪومت وقت جي ڊي اي پي ٽي آءِ سان گڏ بيٺل هو ، پي ٽي آءِ جي استعيفا ئون ڏيڻ  بعد جي ڊي اي قيادت فيصلو ڪيو ته اسان قومي اسيمبلي جو پليٽ فارم نه ڇڏينداسين، هن چيو ته اڄ قومي اسيمبلي ۾  سموري اپوزيشن جعلي آهي، رڳو جي ڊي اي جا 3 ايم اين اي حقيقي مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪن پيا، هنن چيو ته هن وقت ملڪ انتهائي نازڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي، پاڪ فوج، بيوروڪريسي، عدالتن ۽ سياسي ماڻهن جو اهو فرض آهي ته پنهنجو ڪردار ادا ڪن، پير پاڳارو جهموريت جي خاطر ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هنن چيو ته  جي ڊي اي کي سياسي اتحاد بدران سياسي پليٽ فارم طور يوسي کان وٺي ڊويزن تائين ڪنوينر مقرر ڪنداسين، جي ڊي اي کي ٻين صوبن تائين وڌائينداسين،  هنن چيو ته ايم ڪيو ايم پيپلزپارٽي جي لاڏلي آهي، هن وقت اها مڪاني اليڪشن ملتوي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، پ  پ  ۽ ايم ڪيو ايم مڪاني عهدا پاڻ ۾ ورهائي  کڻڻ چاهين ٿا، هنن مطالبو ڪيو ته  ڪراچي ۾ مڪاني  اليڪشن ڪرائي وڃي. ان موقعي تي مير همايون مغيري جي ڊي اي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.