وزيرآباد (م ڊ) تحريڪ انصاف پنهنجو روڪيل مارچ ڇهن ڏينهن جي وقفي بعد وري شروع ڪري ڇڏيو. ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، مرڪزي قيادت ڪنٽينرتي اچي وئي. مليل اطلاعن موجب تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ وزيرآباد ۾ وري شروع ٿي ويو. ڪارڪنن جي وڏي انگ پهچي لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪئي. قيادت شاهه محمود قريشي، اسد عمر، فواد وڌري ۽ ٻيا اڳواڻ ڪري رهيا آهن.  جنهن سان پارٽي چيئرمين عمران خان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪيو. عمران خان چيو ته مون کي رٿابندي تحت قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اها رٿابندي سيپٽمبر ۾ ٿي هئي، 24 سيپٽمبر تي مون چئي ڇڏيو هو ته منهنجي قتل جي رٿابندي ٿي آهي، هن چيو ته لانگ مارچ هلي رهيو آهي، حقيقي آزادي جي تحريڪ بيهندي نه پر زور وٺندي، اسان کي نه اسلام آباد وارن کي تڪڙ آهي، لانگ مارچ جي ٽائمنگ پاڻ طئي ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته نواز شريف سدائين پنهنجي امپائر سان گڏ کيڏندو آهي، مون کي نه نواز شريف کي امپائر جي ضرورت آهي، اي وي ايم بنا به چونڊون ٿيون ته تحريڪ انصاف کي اڪثريت ملندي.