اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا هڪ ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران رمارڪس ڏنا ته ٻين جا بنيادي حق متاثر ڪري اظهار جي آزاديءَ جو حق استعمال ڪري نه ٿو سگهجي، رسول الله صلي الله عليه وآلهِ وسلم رستا بند ڪرڻ واري عمل کي شيطاني قرار ڏنو هو، ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته عدالتي فيصلن ۾ واضح آهي ته بنا اجازت جي روڊن تي ماڻهو گڏ نه ٿا ڪري سگهجن، روڊن کي اڻڄاتل مدي تائين ماڻهو گڏ ڪرڻ لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي، جيڪي مظاهرين ماڻهن جي رستا استعمال ڪرڻ واري حق ۾ رنڊڪون وجهن انهن کي قانون تحت جوابدار بڻائڻ لازمي آهي، جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته رياست جي رڳو اها ذميواري نه آهي ته هوءَ مظاهرين جي اجتماع کي آسان بڻائي، رياست جي پهرين ۽ بنيادي ذميواري آهي ته هر شهريءَ جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪري. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته 8  نومبر تي عدالت وڃي رهيو هيس ان وقت ڏٺو ته روڊ بند ڪيو ويو هو، ٽريفڪ کي روڪيو ويو هو، هزارين ماڻهو ڦاٿل هئا، معلوم ڪرڻ تي ٻڌايو ويو ته صدر صاحب لاءِ روڊ بند ڪيو ويو آهي اهو ڏسي افسوس ٿيو، اهڙو اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي. شام جو عدالت کان گهر ويندي ڏٺو ته سرڪاري ملازم احتجاج ڪري رهيا هئا ۽ روڊ بند ڪيو ويو هو، سرڪاري گاڏيون غيرقانوني طور روڊن تي بيهاريون ويون هيون.