پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ بجلي توڙي پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو

0
153
ڪراچي جي شهرين

ڪراچي: پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ بجلي توڙي پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو آھي، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر بجلي اگهن ۽ ٽئڪس ۾ واڌ کي مني بجيٽ قرار ڏئي ڇڏيو آھي

 شهباز شريف چيو آهي ته ثابت ٿي ويو ته حڪومت بجيت جي نالي سان عوام سان دوکو ڪيو، پي ٽي آءِ حڪومت هلندي ته معيشت نه هلي سگهندي

 پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته نااهل حڪومت مهانگائي ۽ بيرزوگاري کانسواءِ عوام کي ڪجهه ناهي ڏنو، پي ٽي آءِ سرڪار ٽن سالن ۾ بجلي 40 سيڪڙو مهانگي ڪري ڇڏي

 پي ڊي ايم به بجلي ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو آھي، حافظ حمد الله چيو آهي ته بجلي ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ سان عوام جي کيسن ۾ اربين رُپين جو ڌاڙو هنيو ويو، عمران خان ٻڌائي ته سندس رليف ڪٿي آهي؟ پي ٽي آءِ جو ٽارگيٽ غربت نه، پر غريبن جو خاتمو آهي..