ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي بار ايسوسيئشن  پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪندي مهانگائي خلاف  اڄ ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي بار پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف اڄ جمعي تي جنرل باڊي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس کانپوءِ ايم اي جناح روڊ تي ڌرڻو هنيو ويندو.