اسلام آباد (بيورو رپورٽ) موجوده حڪومت 21 ڏينهن اندر ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ پيٽرول، هاءِ اسپيڊ ڊيزل، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو،  وفاقي سرڪار 21 ڏينهن اندر پيٽرول جي في لٽر تي 84 رپيا 3 پيسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في لٽر تي 119 رپيا 16 پيسا، لائيٽ ڊيزل جي في لٽر تي 89 رپيا 16 پيسا ۽ گاسليٽ جي في لٽر تي 85 رپيا 87 پيسن جو اضافو ڪيو آهي، هن وقت پيٽروليم شين جون قيمتن ملڪي تاريخ جي بلند سطح تي پهتل آهن. حڪومت 26 مئي تي پيٽرول 30 رپيا مهانگو ڪيو، 7 ڏينهن بعد ٻيهر 30 رپيا وڌايا، 13 ڏينهن بعد وري 24 رپين جو اضافو ڪيو. ايئن ڊيزل ٻه ڀيرا 30-30 رپيا ۽ 15 جون تي 59 رپيا مهانگو ڪيو ويو. لائيٽ ڊيزل پهريان 30-30 پوءِ 29 رپيا مهانگو ٿيو، گاسليٽ پهريان 30 پوءِ 26 ۽ 15 جون تي 29 رپيا مهانگو ڪيو ويو.