اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان پهريون ملڪ ناهي، جتي آمريڪا وزيراعظم ۽ حڪومت کي تبديل ڪيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪاميٽي تسليم ڪيو ته مداخلت ٿي آهي، پاڪستاني سفير کي چيو ويو ته عمران خان روس ڇو ويو، آمريڪا ڪاوڙيو آهي، عمران خان کي نه هٽايو ويو ته پاڪستان ڏکيائين کي منهن ڏيندو، جيڪڏهن هٽايو ويو ته پاڪستان کي معاف ڪيو ويندو. هن چيو ته آمريڪين کي ڄاڻان ٿو، انهن جي سامهون جيترو جهڪندئو اهي جوتا هڻندا، پاڪستان پهريون ملڪ ناهي، جتي آمريڪا وزيراعظم ۽ حڪومت کي تبديل ڪيو، قوم اسٽينڊ نه ورتو ته ڪو وزيراعظم آزاد پرڏيهي پاليسي نه ٺاهي سگهندو. سندس چوڻ هو ته هن مهانگائي ۾ پگهاردار طبقو ڪيئن گذارو ڪندو، پيٽرول جي قيمت وڌڻ سان 30 سيڪڙو مهانگائي وڌندي، غريب پيڙهجي ويندو، اسان جي حڪومت جا پهريان ٻه سال تمام ڏکيا هئا، دوست ملڪ مدد نه ڪن ها ته پاڪستان جو ڏيوالو نڪري وڃي ها.