اسلام آباد(م ڊ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد بار جي وڪيلن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي سامهون سندس  خلاف آيل بي اعتمادي رٿ تي سندس بيانيو رد ڪندي ان کي قانوني قرار ڏئي ڇڏيو ۽ وزيراعظم، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ پنجاب جي گورنر جي طرز عمل تي سوال اٿاري ڇڏيا. عمران جي خطاب کان اڳ وڪيل اڳواڻن عمران کان سخت سوال ڪيا. اسلام آباد بار ڪائونسل جي ميمبر عليم عباس عباسي سوال اٿاريا هن چيو ته هتي پي ٽي آءِ جا ڪارڪن نه پر وڪيل ويٺل آهن اهي توهان کان سوالن جو جواب چاهين ٿا. هن چيو ته توهان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آئين موجب هئي، بي اعتمادي رٿ آڻڻ هڪ آئيني طريقو هو، توهان جي گورنر جو رويو ڪهڙو هو اهو اسان سڀني ڏٺو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ڪيئن قانون تي عمل ٿيڻ نه ڏنو ان جو جواب ڏيو. هن چيو ته اسان کي توهان جي پاليسين بابت ڪيترائي سوال ڪرڻ جو حق آهي، توهان پاڪستان جي ايتري وڏي پارٽي جا سربراهه ۽ ملڪ جا وزيراعظم هئا، بي اعمتادي رٿي تي توهان جو پنهنجو بيانيو هوندو، پر بي اعتمادي جي رٿ آئين تحت ئي هئي، توهان ٻڌايو ته جيئن توهان هن سڄي معاملي کي حل ڪيو توهان جا اهي قدم ڇا آئين کان مٿاهان نه هئا؟ توهان جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قدم غيرآئيني نه هئا؟ توهان جي گورنر جو رويو به سڀني جي سامهون هو. اميد آهي ته توهان انهن سوالن جا جواب ڏيندئو.