پير وسڻ (ن پ ا) پير وسڻ ڀرسان ڳوٺ بلو جو کاڙو ۾ پنج ڏينھن اڳ پراسرار نموني  گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل شادي شدہ عورت رضيه شر زخمن جا سور نه سھندي گمبٽ اسپتال ۾ فوت ٿي وئي. عورت جو مڙھ پوسٽ مارٽم لاء تعلقي اسپتال ٺري ميرواھ منتقل ڪيو ويو. فوتي عورت جي ڀاءُ غلام شبير شر پاران الزام مڙھيندي چيو ته منھنجي ڀيڻ رضيه شر کي سندس مڙس حبيب الله شر گوليون ھڻي قتل ڪيو آھي. ٻئي طرف زال کي قتل ڪرڻ جي الزام ھيٺ آيل حبيب شر چيو ته مٿس پنھنجي زال کي قتل ڪرڻ جو الزام بي بنياد آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو.