لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان ٽيسٽنگ سروس (پي ٽي ايس) طرفان سنڌ پوليس ۾ پوليس اهلڪارن، جونيئر ڪلارڪن سميت ٻين گريڊن جي ملازمن جي ڀرتين لاءِ شهر جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميونسپل اسٽيڊيم ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن سان واسطو رکندڙ اٽڪل 1200 اميدوارن کان لکت ۾ٽيسٽ ورتي وئي، پاڪستان ٽيسٽنگ سروس انتظاميا لاڙڪاڻي شهر ۽ ٻين علائقن سان واسطو رکندڙ 25 کان وڌيڪ جعلي اميدوارن کي پڪڙي سول لائين پوليس حوالي ڪيو.ان حوالي سان سول لائين پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو گرفتار ٿيل  اميدوار اصل اميدوار بجاءِ پاڻ ٽيسٽ ۾ ويهي پرچو حل ڪري رهيا هئا، پاڪستان ٽيسٽنگ سروس جي انتظاميا طرفان نوجوانن جي نشاندهي ڪري کين پوليس حوالي ڪيو آهي. هوڏانهن پوليس ۾ ٽيسٽ ڏيندڙ 25 اميد وارن مان 14 ڄڻن  تي سرڪاري مدعيت ۾ 419 جي سيڪشن تحت اي ايس آءِ حاڪم لاشاري جي فرياد تي سول لائين ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي