پيروسڻ (ن پ ا) آبپاشي کاتي سب ڊويزن ٺري ميرواھ جا ٻه واھ علي بحر واھ ۽ موجائي مائينر پڪا نه ٿي سگھيا. منڍ ۾ پاڻيءَ جي چوري ۽ گھارا روز جو معمول بڻيل آھن، جڏھن ت پُڇڙي جون ھزارين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي ويون آھن. آبادگارن حبيب الله راڄپر، منير احمد موجائي، علي گوھر ڏيپر، منٺار علي سومرو، انور ڏيپرگھر ڪئي ته ٻنھي واھن کي پڪو ڪري منڍ ۾ پاڻي جي چوري روڪي پڇڙي تائين پاڻي پھچايو وڃي. ملازمن تنظيم جي متحده فيڊريشن ايسٽ يونين صدر مُحمد حُسين شر الزام لڳائيندي چيو ته ھڪ سال کان ايس ڊي او ايريگيشن ٺري ميرواھ کي فيض گنج تعلقي جي اضافي چارج به آهي. واھن مٿان ڌاڙا ھڻائي رشوت عيوض پاڻي لفٽن ذريعي وڪرو ڪري ٿو ۽ واٽر ڪورسن مٿان ڳريون منٿلي مقرر ڪري اضافي پاڻي وڪرو ڪري ٿو، جنھن سبب آبادگار سخت پريشان آهن.آبپاشي انجنيئر ايسٽ ڊويزن خيرپور شرف الدين ٻانڀڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته علي بحر واھ سميت سمورن واھن جي پُڇڙي تائين پاڻي پھچائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھيا آھيون. واھن جي لائنگ دوران گڏ ڪيل ڪاٺ غائب ڪرڻ واري شڪايت تي جاچ ڪئي ويندي پوءِ پاڻي چوري توڙي ڪاٺ جي وڪري ۾ ڪير به ملوث ڇو نه ھجي ڪارروائي ڪبي ھن چيو ته ايس ڊي او جي مقرري توڙي بدلي جا وٽس ڪي به اختيار ناھن ھن اھو پڻ تصديق ڪئي ته علي بحر واھ ۽ موجائي مائينر سميت مختلف واھن جي لائنگ لاءَ وقت به وقت سروري ٿيندي رھي آھي پر بجيٽ جاري ناھي ٿي سگھي پر ان باوجود ڪوشش ڪيون پيا ته سمورا واھ پڪا ٿي سگھن.