کهڙا جي ناري طرفان ايس ايڇ او ۽ بااثر شخص مٿان لڄ لٽڻ جي ڪوشش جو الزام

0
490

گمبٽ (ن پ ا) کهڙا جي خلجي محلي واسي ناري تهمينا خلجي پريس ڪلب پهچي ايس ايڇ او کهڙا اعجاز مگسي ۽ بااثر جي ظلمن ۽ زنا جي ڪوشش ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو، ناري جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن گمبٽ کان کهڙا گهر وڃي رهي هئس ته ايس ايڇ او ۽ هڪ پرائيويٽ ماڻهو زبردستي ڪار ۾ کڻي زنا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر وجهه وٺي ڀڄي جان بچائي آهي، هن الزام مڙهيو آهي ته ايس ايڇ او ٿاڻي تي کڻي تشدد ڪيو، اعجاز مگسي ۽ بااثر شخص شراب جي نشي ۾ هئا، هن جو چوڻ آهي ته آءُ غريب آهيان، گهر ۾ ڪو به ڪمائڻ وارو نه آهي، ايس ايڇ او ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته تهمينا خلجي ۽ روشني خلجي پاڻ ۾ وڙهيون هيون، پاڙي وارن سندن خلاف شڪايت ڪئي هئي، گرفتار ڪرڻ تي تهمينا ڪوڙ ا الزام هڻي رهي آهي.