پيرجوڳوٺ/صدر جي ڀٽيون (نمائندن وٽان) پيرجوڳوٺ ويجهو ڪچي ۾ ڪلهوڙا ڀٽا زميني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل، 3 زخمي، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، خبر موجب ڪچي جي علائقي ڪيٽي ممتاز ڀٽو ۾ زمين تڪرار تان ڪلهوڙا ڀٽا ڌرين ۾ فائرنگ ٿي، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا عزيز ڀٽو ۽ بابو ڪلهوڙو مارجي ويا، جڏهن ته امير ڀٽو، صفر ڀٽو ۽ گلزار ڀٽو زخمي ٿي پيا، واقعي بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، ۽ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مورچا بند ٿي ويا آهن، جنهن ڪري وڌيڪ رتو ڇاڻ جو خطرو آهي، مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.