پاڪستان: آءِ ايم ايف کي 6 کان 8 ارب ڊالرز جي نئين بيل آئوٽ پئڪيج لاءِ درخواست

0
30

پاڪستان آءِ ايم ايف کي 6 کان 8 ارب ڊالرز جي نئين بيل آئوٽ پئڪيج لاءِ درخواست ڪري ڇڏي آهي

پاڪستان مئي 2024 ۾ آءِ ايم ايف جو رويو مشن پاڪستان اماڻڻ جي درخواست به ڪري ڇڏي

رويو مشن کي دوري جي دعوت ڏيڻ جو مقصد ايندڙ ٽن سالن لاءِ بيل آئوٽ پئڪيج جا تفصيل طئي ڪرڻ آهي، آءِ ايم ايف پاران 29 اپريل تائين جي اجلاس جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي

آءِ ايم ايف جي ان شيڊول ۾ پاڪستان جو اقتصادي جائزو شامل نه ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ گذريل مهيني 20 مارچ تي اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي چڪو آهي

آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري سان پاڪستان کي هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالرز جي آخري قسط ملي ويندي

آخري قسط جي حتمي منظوري سان آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ 3 ارب ڊالرز جو اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ ختم ٿي ويندو

آءِ ايم ايف پاران نئين بيل آئوٽ پئڪيج جي منظوري جي صورت ۾ پاڪستان کي 6 کان 8 ارب ڊالرز ملندا، اهو پئڪيج ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو قرض هوندو