پاڪستان جي بئلسٽڪ ميزائيل پروگرام لاءِ سامان فراهم ڪرڻ جي الزام هيٺ 4 ڪمپنيز تي پابندي لاڳو

0
38

آمريڪا پاڪستان جي بئلسٽڪ ميزائيل پروگرام لاءِ سامان فراهم ڪرڻ جي الزام هيٺ 4 ڪمپنيز تي پابندي هڻي ڇڏي

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پابندي لڳايل ڪمپنيز ۾ 3 ڪمپنيون چين ۽ هڪ ڪمپني بيلاروس جي آهي

بيان ۾ الزام هنيو ويو آهي ته انهن ڪمپنين پاڪستان کي ايٽمي هٿيارن جي تياري جي سلسلي ۾ مواد ۽ تعاون فراهم ڪيو آهي، آڪٽوبر 2023 ۾ به آمريڪا پاڪستان جي بئلسٽڪ ميزائيل پروگرام لاءِ پرزا ۽ سامان فراهم ڪرڻ جي الزام هيٺ چين جي ٽن ڪمپنيز تي پابندي لڳائي هئي

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب پابندي هيٺ آيل ڪمپنيز جا آمريڪا ۾ موجود اثاثا منجمد ڪيا ويا آهن

ڪمپنيز سان واڳيل مالڪن ۽  ٻين شخصيتن جي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي به لڳائي وئي آهي

پاڪستان جو سدائين اهو موقف رهيو آهي ته پاڪستان بئلسٽڪ ميزائيل مقامي طور پنهنجي صلاحيت ۽ مهارت سان تيار ڪيا آهن