ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ  تعليم کاتي پاران پرائمري اسڪولن کي مرحليوار اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو، ان حوالي سان ڪالهه تعليم واري وزير سردار شاھ جي صدارت هيٺ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير سردار شاھ چيو ته اسڪولن مان شاگردن جو ڊراپ آئوٽ ريشو ( اسڪول ڇڏڻ جو تناسب) گھٽائڻ لاءِ صوبي جي سمورن پرائمري اسڪولن کي مرحليوار اپ گريڊ ڪيو ويندو، هن چيو ته انهي سان 8 کان 10 لک ٻارڙيون مڊل تائين تعليم حاصل ڪري سگھنديون، هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ تعليمي سال کي سائنس جي اهميت  واري سال طور ملهايو ويندو، شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويندو،