سکر (بيورو رپورٽ) گمبٽ جي رهواسڻ نواب خاتون چيو آهي ته والد جي انتقال کانپوءِ ذهني مريض ڀيڻ، ڀاءُ ۽ مڙس سان گڏ هڪ ڪمري ۾ رهان ٿي، وڏن ڀائرن کان والد جي ملڪيت مان حصو گهريو جنهن تي ڀائر ڪاوڙجي ويا ۽ آئي ڏينهن بيگناهه تشدد جو نشانو بڻايو ويندو آهي، پنهنجي عزيزن سان گڏ پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن الزام مڙهيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ وحشياڻو تشدد ڪري سندس حمل ضايع ڪيو ويو. ميڊيڪل رپورٽ کڻي انصاف لاء پوليس وٽ دانهيو پر پوليس انصاف ڏيڻ بجاءِ ڳري رشوت وٺي اسان کي هراسان ڪري رهي آهي، هن ڊي آء جي سکر کان نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي۔ ٻي صورت ۾ هو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندي.