فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد شھر ۾ پبلڪ لائبريري جي قيام عمل لاءِ احتجاج ڪندڙ شاگرد اتحاد کي احتجاج ڪندي ھڪ سال ٿي ويو پر سندن احتجاجن جو چونڊيل نمائندن، ڊي سي دادو ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين ڪوبه نوٽيس نه ورتوآهي. شاگرد اڳواڻن عبدالنبي چانڊيو، راجا مزمل خاصخيلي، عبدالرزاق ٻگهيو، پريل گائينچو، نثار خاصخيلي، ساجد ڏيرو، منان چانڊيو ،اعجاز چانڊيو، فدا چنا، ايوب چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پبلڪ لائبريري جي قيام لاءِ ڪالهه به احتجاجي مظاهرو ڪيو.ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ھڪ سال کان فريدآباد ۾ پبلڪ لائبريري جي قيام لاءِ احتجاج ڪندا پيا اچون پر اسان جي احتجاجن جو ڪوبه نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي ھنن وڌيڪ چيو ته ڪاڇي وارو علائقو اڳ ئي پٺ تي پيل علائقو آهي جتي تعليم، صحت، پيئڻ جي پاڻي سميت زندگيءَ جون ٻيون بنيادي سھولتون به ميسر ناھن اتي اسان شاگردن کي تعليم جي حاصلات لاءِ پبلڪ لائبريري جي سخت ضرورت آهي ھنن ڊي، سي دادو، چونڊيل نمائندن لاڳاپيل اختيارين ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان ڪاڇي واسين کي پبلڪ لائبريري ٺاهي ڏني وڃي ته جيئن اسان چٽاڀيٽي جي امتحانن جي تياري ڪري ڪاميابيون ماڻي قوم ۽ وطن جي خدمت ڪري سگهون.